کوکراپار ۾ جوابدار پاران ڌيءُ سان زيادتي جي ڪوشش

کوکراپار(رپورٽ عنايت قمبراڻي) ملير جي علائقي کوکراپار لڳ نشي جي عادي ظالم پيءُ حشمت پاران پنهنجي 15 ورهين جي نياڻي   سونم سان شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي،  نياڻي جي رڙين تي علائقي واسين گڏ ٿي نياڻي کي بچائي ورتو ۽ جوابدار کي شراب جي بوتلن سميت نشي ۾ ڌت حالت پڪڙي  15 پوليس حوالي ڪري ڇڏيو انھي سلسلي ۾ معلوم ٿيو آھي ته جوابدار  نشي جو عادي آھي ۽ اڳ به  پنھنجي نياڻين سان حرڪتون ڪندو رھيو آھي،پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.