اسلام آباد(م ڊ) پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته اسد مجيد وزيراعظم(عمران خان) کي لکيو ته آمريڪا چيو آهي ته عمران خان کي هٽايو، سائفر شيئر ڪرڻ وزيراعظم جو اختيار آهي، اهو بيهوده ڪيس آهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته سائفر ڊي ڪلاسيفائي ٿي ويو هو، اهو ته ميڊيا ۾ به اچي ويو، منهنجا پ پ سان ڪي به اختلاف ناهن، ڪنهن سان زيادتي ٿيندي آهي ته ان جو ساٿ ڏيندو آهيان، آصف زرداري ۽ بلاول مون سان ڪو به سوال نه ڪيو، پارٽي ۾ ڪجهه ماڻهو منهنجي خلاف آهن، هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي صدر سان ملاقات ڪرڻ گهرجي