چونڊن جي حوالي سان سياسي پارٽين جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا: چيف اليڪشن ڪمشنر

اسلام آباد(م ڊ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن جي حوالي سان سياسي پارٽين جي تجويزن جي آجيان ڪري ٿي، عام چونڊن ۾ اليڪشن جي باقائده نگرانيءَ  کي يقيني بڻايو ويندو ۽ ان مقصد لاءِ جديد ترين مانيٽرنگ ڪنٽرول روم به قائم ڪيو ويو آهي، ضابطا اخلاق تي سمورين سياسي پارٽين سان ٻيهر مشاورت ڪئي وئي آهي ته جيئن ضابطا اخلاق تي عمل ۽ ان جي پابنديءَ کي يقيني بڻايو وڃي. سومر ڏينهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مان جاري ڪيل بيان مطابق اليڪشن ڪميشن جو مشاورتي اجلاس ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد سان صبح جو 11 وڳي ۽ جماعت اسلامي جي وفد سان منجهند 12 وڳي منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت چيف اليڪشن ڪميشن سڪندر سلطان راجا ڪئي، جڏهن ته معزز ميمبرن ۾ اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري ۽ ٻيا سينيئر آفيسر به موجود هئا. جماعت اسلامي جي وفد چيو ته اليڪشن ڪميشن کي اهو مشاورتي عمل اڳ شروع ڪرڻ گهرجي ها. آئين موجب اسيمبلين جي ٽوڙڻ بعد چونڊن جو عمل 90 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيڻو آهي. اليڪشن ڪميشن تڪبندي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ چونڊ شيڊول جو اعلان به ڪرڻ گهرجي ها ته جيئن خدشن کي ختم ڪري سگهجي. اليڪشن ڪميشن هڪ بااختيار ادارو آهي ان ڪري پنهنجي ذميداري آئين ۽ قانون مطابق ادا ڪري. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين کي وقت کان اڳ ٽوڙڻ نه گهرجي ها ۽ اڳوڻين حڪومتن کي يقيني بڻائڻ گهرجي ها ته آدمشماري ۽ سي سي آءِ جي ميٽنگ رٿڻ وقت سر ڪن ها ته جيئن اليڪشن ڪميشن اسيمبيلن جي مدت ختم ٿيڻ يا ٽوڙڻ کان اڳ  تڪبنديءَ جو عمل مڪمل ڪري ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.