ڊينمارڪ طرفان قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي پابندي جو فيصلو

رياض (م ڊ) عرب ليگ جي قانونساز اداري عرب پارليامينٽ ڊينمارڪ ۾ ڪنهن به آسماني ڪتاب جي بي حرمتي کي ڏوهه قرار ڏيڻ جي حڪومتي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. سعودي ميڊيا مطابق / ٽوئيٽر تي عرب پارليامينٽ جي اسپيڪر عادل بن عبدالرحمان العسومي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي، ته اهو فيصلو ڪڌي ڏوهه کي روڪڻ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪندو. هن سوئيڊن ۽ ٻين ملڪن تي پڻ زور ڀريو آهي ته اهو ان سلسلي ۾ ڊينمارڪ جي مثال تي عمل ڪن.

ڪي پي: مڪاني ضمني چونڊن ۾ آزاد اميدوار ڪامياب

پشاور (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي 21 ضلعن ۾ 65 وليج ۽ نيبر هڊ ڪائونسلن جي ڪيترين ئي خالي پيل سيٽن تي ٿيل مڪاني چونڊ ۾ سمورين 72 سيٽن جا غير حتمي نتيجا سامهون اچي ويا آهن. تفصيل مطابق ڪي پي ڪي جي ضلع پشاور، نوشهره، چارسده، خيبر، مردان، ڪوهاٽ، بنون، لکي مروت، ڊي آءِ خان، ٽانڪ، ايبٽ آباد، هري پور، شانگلا، اپر دير ۽ لوئر دير سميت ٻين ضلعن ۾ ٿيل ضمني چونڊ لاءِ پولنگ ٿي هئي، آزاد اميدوار 40 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن ان کان علاوه پي ٽي آءِ 14، جي يو آءِ 6 سيٽون کٽيون آهن. جماعت اسلامي 5، اي اين پي 4، پيپلز پارٽي 2 ۽ ٽي ايل پي کي هڪ سيٽ ملي آهي

جڙانوالا سانحي جا پيرا دشمن ملڪ جي ايجنسي ڏانهن وڃن ٿا: آءِ جي پنجاب

لاهور(م ڊ) آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور چيو آهي ته جڙانوالا سانحي جي سازش جا پيرا دشمن ملڪ جي انٽيليجنس ايجنسي ڏانهن وڃن ٿا، سازش تحت مسلمانن کي مسيحي ڀائرن سان ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جڙانوالا  سانحي ۾ ملوث 3 مک جوابدارن سميت 180 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن، قرآن پاڪ جي توهين ڪرائيندڙن جو نيٽ ورڪ ٽوڙيو ويو آهي، يقين ٿو ڏياريان ته آئنده اهڙا واقعا نه ٿيندا. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران  آءِ جي پنجاب چيو ته قرآن پاڪ جي توهين ڪندڙ ٻن ڀائرن سميت 5 جوابدارن کي 24 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪيو ويو هو. هن چيو ته مسجد جا پيش امام ۽ آذان ڏيندڙ ڪنهن کي به لائوڊ اسپيڪر استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏين، سانحي کانپوءِ مسلمانن مسيحي ڀائرن کي عبادت لاءِ پنهنجي مسجد ڏني. آءِ جي وضاحت ڪئي ته جڙانوالا سانحي دوران ڪو به جاني نقصان يا عورتن سان لڄالٽ جو واقعو پيش نه آيو، ڀارتي ميڊيا ۾ جڙانوالا سانحي بابت ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.