ڪراچي/اسلام آباد(رپورٽر/م ڊ) ملڪ ۾ کنڊ مهانگي ٿي وئي، ڪراچي جي هول سيل بازار ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ هڪ ڪلاڪ ۾ رڪارڊ 6 رپيا واڌ ٿي وئي. حڪومت کنڊ پرڏيهه اماڻڻ تي بندش لڳائي ڇڏي آهي. ڪراچي جي هول سيل گوسرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين رئوف ابراهيم موجب کنڊ جي في ڪلو قيمت 163 رپين جي تاريخي سطح تي اچي وئي آهي، جڏهن ته ايڪس مل جي قيمت ۾ به 5 رپيا 50 پئسا واڌ ٿي آهي. في ڪلو ايڪس مل کنڊ جي قيمت 160 رپين 50 پئسن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي، ريٽيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت رڪارڊ سطح 170 کان 180 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي. رئوف ابراهيم چيو ته مارڪيٽ ۾ ڪالهه ڪلاڪن جي حساب سان في ڪلو کنڊ جي اگهه ۾ واڌ جاري رهي، هول سيلرز کي به مهانگي اگهن تي به کنڊ نه پئي ملي، پهرين آگسٽ کان هيل تائين کنڊ جي اگهه ۾ 21 رپيا في ڪلو واڌ ٿي چڪي آهي، اها ئي صورتحال رهي ته کنڊ جي ڊبل سينچري پري ناهي.هوڏانهن اقتصادي رابطا ڪميٽي کنڊ جي برآمد تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري نگران وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ کنڊ جي برآمد تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وزارت جي سمري تي اي سي سي کنڊ جي برآمد تي پابندي جي منظوري ڏني. واضح رهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي اگهه ۾ وڏي پئماني تي واڌ ٿي وئي آهي.