جماعت اسلامي وفد جي وڪيلن سان ملاقات، مهانگائي، بجلي بلن تي ڳالهيون

لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي لاهور جي امير ضياءُ الدين انصاري جي سربراهي ۾ هڪ وفد لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي عهديدارن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مهانگائي، بجلي جي بلن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳوڻي صدر لاهور هاءِ ڪورٽ بار چوڌري ذوالفقار علي سميت ٻيا وڪيل پڻ موجود هئا

توانائي واري وزارت ۾ بجلي بلن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس

اسلام آباد(م ڊ) توانائي واري وزارت ۾ بجلي جي بلن جي حوالي سان اعليٰ سطحي  اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ توانائي واري وزارت بجلي جي بلن جي مسئلي تي تجويزن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. توانائي واري وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان مطابق اها تجويز ڪل وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي جنهن تي حتمي فيصلو ڪابينه جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته انهن تجويزن ۽ فيصلن جي منظوري جي مجاز صرف وفاقي ڪابينه آهي. ترجمان چيو ته بجلي جي بلن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته تجويز ۽ فيصلي جي منظوريءَ لاءِ وفاقي ڪابينه اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.