پيرس (م ڊ) فرانس جي تعليم واري وزير سرڪاري اسڪولن ۾ مسلمان شاگردياڻين کي برقعو (عبايه) پائڻ تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو لباس تعليم جي حوالي سان فرانس جي سخت سيڪولر قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. برطانوي نشرياتي اداري مطابق تعليم واري وزير گيبريئل اٽل چيو آهي، ته هاڻي اسڪولن ۾ عبايه پائڻ ممڪن نه هوندو ۽ اهو 4 سيپٽمبر کان سڄي ملڪ ۾ ڪلاسن جي واپسي کان اڳ اسڪولن جي سربراهن کي قومي سطح تي واضح قائدا ڏنا ويندا.