ٿوري دير جي لاءِ توهان پنهنجي ذهن ۾ وجود جو خيال پيدا ڪيو، انسان جيڪي اڄ آهن سئو سال اڳ به ائين ئي هئا، هزار سال اڳ به ائين ئي هئا ته پنج هزار سال اڳ به ائين ئي هئا.
توهان چوندئو ته پنج هزار سال اڳ واري دور جي انسان ۽ اڄ واري دور جي انسان ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، ائين ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته سڀ ساڳيا هجن. پر هتي ڳالهه رڳو انسان جي بناوت ۽ بنيادي فطري ضرورتن جي ڪجي ٿي، نه ڪي رهڻي ڪهڻي ۽ کائڻ پيئڻ جي طريقيڪار جي.