لاڙڪاڻو(ڊ ر) جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن کان اڳ احتساب ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ گذريل 15 سالن کان ڦرلٽ جي ڪري ڪيترائي سياستدان ارب پتي بڻجي ويا آهن جيڪو نظام سڀني جي سامهون آهي، سنڌ حڪومت گذريل 15 سالن جي عرصي دوران وفاقي حڪومت کان وڌيڪ قرض ورتو جيڪو پئسو آبپاشي ۽ ٻين کاتن ۾ لڳائي ڪرپشن ڪئي وئي، معاشري ۾ سزا ۽ جزا نه هئڻ جي ڪري نظام ۾ گند ٿي ويو آهي جنهن نظام کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ احتساب ضروري آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ مضبوط اپوزيشن اتحاد ٺهڻ سان سنڌ ۾ ڪافي بهتري ايندي ان لاءِ اسين پر اميد آهيون. هن چيو ته پيپلز پارٽي وارا پاڻ گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ويا جتي هو لکي ڏئي راضپو ڏيکاريو ته تڪبندين کان بعد ئي چونڊون ٿيڻ گهرجن پر هاڻي 90 ڏينهن ۾ چونڊن جي ڳالهه ڪرڻ منافقت آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ جنهن ڏينهن چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ جي مقرري ٿي آهي ان کان پوءِ پيپلز پارٽي وارا پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ڇاڪاڻ ته هنن 15 سالن ۾ عوامي حڪومت نه ڪئي جيڪي 16 مهينن جي حڪومت جي ڏوهن ۾ برابر جا ڏوهاري آهن. هن چيو ته اڳ پئٽرول 130 کان 160 روپيا ٿيو ته هنن ٽريڪٽر ٽرالي ريليون ڪڍيون پر هاڻي ته يوريا ڀاڻ 6 هزار روپيا ٻوري ٿي وئي آهي، ڪرپٽ نظام پيپلز پارٽي وارن جو ڪاروبار ٿي ويو آهي ان لاءِ سنڌ جي ماڻهن کي پنھنجي بهتري لاءِ پاڻ سوچڻو پوندو جيئن ٻين صوبن وارا سوچين ٿا. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت جي آخري رات ماڻهن کي نوڪرين جا آرڊر ڏيڻ جي ڪوشش بجاءِ کين پهريان آرڊر ڏيڻ گهرجن ها جن 70 کان 80 سيڪڙو تائين آرڊر پئسن تي ڏنا هاڻي انهن پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي پر جن اميدوارن اڳ انٽرويو ڏنا انهن کي ڇو وقت سر نوڪرين جا آرڊر نه ڏنا ويا جنهن ڪري جي ڊي اي طرفان سڀاڻي (اڄ) 5 وڳي آرڊرن جي مسئلن تي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو هن چيو ته خوراڪ کاتي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ٿي آهي ۽ هن وقت به ڪڻڪ اسمگل ٿي رهي آهي جنهن ڪري سنڌ ۾ اٽو مهانگو ملي رهيو آهي.