لاهور(م ڊ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جناح هائوس حملي ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايتي ۽ مشهور فيشن ڊيزائنر خديجه شاهه، صنم جاويد، عاليه حمزه، طيبه عنبرين ۽ ٻين جو 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج اعجاز احمد بٽر جناح هائوس حملي ڪيس ۾ پوليس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ۾ جوابدار جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته ڪيس ۾ بغاوت ۽ فساد ڪرڻ سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن، ان ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي ته جوابدارن ڪنهن جي حڪم تي جنگ شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻئي طرف عدالت سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ عائشه علي ڀٽي ۽ ٻين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 31 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.