ڪاڪڙ جي چونڊ سان علوي جي صدارت جو ڪھڙو تعلق  آھي ؟

تحرير: جاويد فاروقي

انوارالحق ڪاڪڙ جي نالي بابت حتمي فيصلي ٿيڻ تي اسلام آباد جي باخبر دوست ڄاڻ ڏني تھ صادق عمراڻي جي نالي تي سنجيدگي سان غور ڪيو ويو ھو پر ان دروان ھڪ وڏي اڳڀرائي ٿيڻ ڪري طاقتور حلقن کي بھ مھرن کي اڳتي وڌائڻ ۽ پوئتي ھٽڻ تي مجبور ٿيڻو پيو.اھڙي ريت صادق سنجراڻي جي جڳهھ تي انوارالحق ڪاڪڙ اچي ويو.

ملڪي معاملن تي رپورٽنگ ڪندي ٽي ڏھاڪا ٿي ويا آھن، انڪري اندازو ٿيو تھ ان جي پس منظر ۾ ڪا وڏي خبر آھي.مون تڪڙ ۾ معلوم ڪيو تھ اھو ڪھڙو فيصلو ٿيو ھو ؟ ان تي پتو پيو تھ صدر عارف علوي کي 9 سيپٽمبر تي ھن جي رٽائرمينٽ واري ڏينھن گھر موڪلڻ جو فيصلو ٿي چڪو آھي.

باخبر دوست موجب جيتوڻيڪ آئيني طور تي صدر پنھنجي رٽائرمينٽ بعد بھ صدراتي چونڊ ٿيڻ تائين عھدي تي برقرار رھي سگھي ٿو پر صدر علوي کي ھاڻي طاقتور حلقا وڌيڪ ايوان صدارت ۾ برداشت ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھن.ان ڪري صدارتي مدي پوري ٿيڻ بعد کيس گھر موڪليو ويندو.صدر جي عھدي خالي ٿيڻ تي سينيٽ جو چيئرمين آئيني طور تي قائم مقام صدر ٿيندو آھي.ان ڪري صادق سنجراڻي کي سنڀالي رکيو ويو آھي.

ھاڻي صدر آفيشيل سيڪريٽس ايڪٽ ترميمي بل 2023 ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل 2023 جي حوالي سان ٽوئيٽ ڪري وڌيڪ چٽو ڪري ڇڏيو آھي تھ ھن جو قانونن ۾ ڪجهھ اچي نھ وڃي.بلڪھ سندس چوڻ موجب اسٽاف سندس ھدايتن جي ابتڙ بلن کي روڪي رکيو.ان باوجود مقرر مدي گذرڻ سبب حڪومت کي انھن بلن کي قانون جو درجو ڏيڻ جو موقعو ملي ويو آھي.صدر جي ٽوئيٽ بابت ٻھ جدا جدا تشريحون ڪيون پيون وڃن.ھڪ تھ صدر ان قانون سازي ۾ برابر جو شريڪ آھي.ھن کي ڪٿان کان اشارو مليو ھن خاموشي اختيار ڪري رکي ۽ ڏھھ ڏينھن گذرڻ ڏنا تھ جيئن ھو پنھنجو دامن بھ صاف رکي ۽ قانون بڻجڻ جو عمل بھ خاموشي سان مڪمل ٿي وڃي.

صدر جو انھن قانونن کان لاتعلق نظر اچڻ ان ڪري بھ ضروري ھو جو چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف سڌي ريت ان قانون جي پڪڙ ۾ اچي رھيو آھي.اھو قانون جڙڻ تي صدر جي حوالي سان پارٽي ۾ شديد ردعمل آيو تھ قومي اسميبلي جي غيرموجودگيءَ ۾ صدر جي لاءِ ان قانون جو رستو روڪڻ گھڻو آسان ھو.ھاڻي جڏھن صدر جو مدو پورو ٿي رھيو آھي تھ صدر کي واپس پنھنجي پارٽي ۾ وڃڻو آھي.ان کان اڳ صدر پاڻ کي ان معاملي کان جدا ڪري پاڻ مٿان پوندڙ دٻاءَ کي گھٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.ٻي تشريح موجب صدر علوي جي ٽوئيٽ ۽ طاقتورن جي مبينھ رٿابندي جو پاڻ ۾ گھرو تعلق آھي.

صدر علوي جي عھدي جي آئيني مدت 9 سيپٽمبر تي ختم ٿي رھي آھي.پر نيئن صدر جي چونڊ جي لاءِ ھن وقت صدارتي اليڪٽوريل ڪاليج يعني قومي ۽ صوبائي اسيمبليون موجود نھ آھن.ھن غير معمولي صورتحال ۾ آئين جي آرٽيڪل (1) 44 جي تحت صدر عھدي جي مدت ختم ٿيڻ باوجود نيئن صدر جي چونڊجڻ تائين پنھنجي عھدي تي موجود رھندو.جنھن جو مطلب تھ صدر علوي رٽائر ٿيڻ باوجود بھ رٽائر نھ ٿيندو.اھا صورتحال اسٽيبلشمينٽ لاءِ اڻوڻندڙ آھي.

نگران حڪومت جي جوڙجڪ ۾ جيڪو ڪجهھ ٿيو ان مان لڳي ٿو تھ اسٽيبلشمينٽ وڏي ڪاريگري سان پي ڊي ايم کان اقتدارجا ايوان خالي ڪرايا آھن.يعني شھبازشريف،آصف زرداري،مولانا فصل الرحمان،ايم ڪيو ايم وغيره مان جان ڇڏائي وئي آھي تھ عمران خان جي باقيات وري ڪيئن ايوان صدر ۾ رھي سگھي ٿي ؟

ذريعن جو چوڻ آھي تھ صدر تي واضح ڪيو ويو آھي تھ 9 سيپٽمبر بعد ھو پاڻ ئي ايوان صدر ڇڏي ھليو وڃي.ان صورت ۾ سينيٽ جو چيئرمين ھن جي جڳھھ تي قائم مقام صدر مملڪت بڻجي ويندو.جڏھن تھ سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين وري قائم مقام چيئرمين سينيٽ بڻجي ويندو.ان ڪري صادق سنجراڻي کي نگران وزيراعظم بڻايو وڃي ھا تھ ھن کي سينيٽ مان استعفيٰ ڏيڻي پئي ھا، ان صورتحال ۾ سينيٽ جي چئيرمين جي چونڊ بھ لازمي ڪرڻي پوي ھا.ھنن حالتن ۾ طاقتور ڌريون ڪنھن قسم جو غير ضروري رسڪ کڻڻ نٿيون چاھين.

موجوده حالتن ۾ پي ڊي ايم جون جماعتون رضا رباني جھڙي شخصيت کي سينيٽ جو چيئرمين ڪرائين ھا تھ ان سان حالتون ھٿن مان نڪرڻ جو امڪان ھو.انھن ڳالھين کي سامھون رکندي انوارالحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم بڻايو ويو.

ان ٿيوري کي مڃڻ بعد  صدر جي ڪيل ٽوئيٽ سمجهھ ۾ اچي ٿي،تھ ھو نھ رڳو پنھنجي معاملي تي اسٽيبلشميٽ سان مزاحمت ڪري رھيو آھي بلڪھ پنھنجي پارٽي جي قائد کي سائفر ڪيس مان بچائڻ جي لاءِڀرپور وار ڪيو آھي.جنھن ۾ ھن انھن قانونن جي بنيادن کي ڌوڏي ڇڏيو آھي.جن ذريعي عمران خان جو ٽرائيل ٿيڻو آھي.

صدر جي ٽوئيٽ کي ھن جي بي وسي ،لاچاري ۽ نااھلي سان ڀيٽيو پيو وڃي پر ھو وڏي چال ھلي ويو آھي.جيڪڏھن سپريم ڪورٽ بھ ان معاملي جو نوٽيس ورتو تھ پوءِ صدر جي ٽوئيٽ جي اھميت سامھون اچي ويندي.بھرحال ايندڙ ئي وقت صدرعلوي ، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي مستقبل ۽ ايندڙ چونڊن جي لاءِ نھ رڳو اھم بلڪھ فيصلائتو ٿي سگھي ٿو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.