سنڌ جي زمينن تي مختلف پروجيڪٽن ۽ راٿائن جي آڙ ۾ والار جو سلسلو جاري آھي. قانون جي لتاڙ ڪندي ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي ۾ بحريھ ٽائون جي نالي سان وڏي پئماني تي والار ڪئي وئي.مقامي ماڻھن جي دانھن جو ڪنھن بھ سطح تي نوٽيس نھ ورتو ويو.جنھن ڪري ھاڻي اھڙي قسم جي ڪنھن بھ چرپر تي سنڌ جو ماڻھون گھڻو حساس ٿي ويو آھي. تازو غيرنمايان طريقي سان لاڳاپيل کاتي تشھير ڪئي آھي،جنھن سان وري سنڌ جي زمين تي والار جي رٿ رٿي وئي آھي.
بحريا ٽائون ڪراچي انڊسٽريل اسٽيٽ کي سنڌ انڊسٽريل زون جي حيثيت ڏيڻ جو نئون ناٽڪ تيار ڪيو آھي. انڊسٽريل زون جي آڙ ۾ 7 هزار کان 15 هزار ايڪڙ تائين انڊسٽريل زون جي نالي تي سنڌ ۾ والار ڪئي پئي وڃي. بحريا ٽائون ڪراچي انڊسٽريل اسٽيٽ کي اسپيشل اڪنامڪ زونز ، رولز 2013 جي رول 13 تحت سنڌ انڊسٽريل زون جي حيثيت ڏيڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي. جنھن لاءِ تعلقي ٿاڻي بولا خان ضلعي ڄام شوري جي ديهه ۽ تپو ڪلو کوهر، دادا ڀائي سيمينٽ فيڪٽري کان نوري آباد تائين آهي. جيڪو پاور سيمينٽ فيڪٽري کان پڪا پير تائين ويندي جهمپير جي حدن تائين پکڙيل آهي.
سنڌ اڪنامڪ زون اٿارٽي سنڌ پاران21 آگسٽ 2023 تي ان سلسلي ۾ اشتهار شايع ڪرايو آهي، جنهن ۾ واضح طور تي لکيل آهي بحريا ٽائون ڪراچي جي تجويز ڪيل زون لاءِ درخواست تي جنهن ۾ بحريا ٽائون ڪراچي انڊسٽريل اسٽيٽ کي سنڌ انڊسٽريل زون جي حيثيت ڏيڻ لاءِ 20 سيپٽمبر 2023 تي منجهند جو 1:00 وڳي ٻڌڻي سنڌ انڊسٽريل زون اٿارٽي واقع شاهراهه فيصل ڪراچي ۾ ٿي رهي آهي.
سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس جي جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ جو ان بابت چوڻ آھي تھ اڳ ئي خدشو هو ته بحريا ٽائون تيزي سان ڦهلجندو. جيڪو هاڻ واضح ٿي ويو آهي.اھو عمل سڌي ريت قبضي جي هڪ نئين شڪل آهي.ھن اھو بھ خدشو ظاھر ڪيو تھ اھو ڪم ڪراچي کي انتظامي طور تي الڳ ڪرڻ جي سازش جو حصو آهي.سمورا هائوسنگ پراجيڪٽ ڪراچي جي حدن کان ڄام شورو تائين وڌي رهيا آهن. اهومنصوبو بحريا ٽائون 3 جي نالي تي ٺاهي پيو وڃي.سنڌ جي سمورين سياسي سماجي ڌرين طرفان اھڙي عمل جي نندا ڪندي ان رٿا کي فوري ختم ڪرڻ ۽ سنڌ جي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي زمين تي قبضن جو سلسلو بند ٿيڻ گھرجي.سنڌ جو ماڻھو اڳ ۾ ئي انتھائي ڏکين حالتن ۾ آھي مٿان وري اختياريون منظم سازش سان سنڌ جي زمين تي ڪنھن نھ ڪنھن بھاني سان والار ڪري رھيون آھن.جنھن ڪري ھاڻي سنڌ جي عوام جو اھو خدشو درست ثابت ٿي رھيو آھي تھ سمورا ادارا گڏجي سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن تي قبضي ڪرڻ جي عمل ۾ رڌل آھن.
سياسي سماجي ڌرين کي ھن عمل بابت پنھنجي موقف چٽي ڪرڻ سان گڏ سنڌ دشمن رٿائن خلاف جوڳي حڪمت عملي جوڙڻ گھرجي ۽ اھڙين رٿائن خلاف گڏيل ۽ نتيجا ڏيندڙ جدوجھد شروع ڪرڻ گھرجي.ان کانسواءِ ٻيو ڪو بھ رستو نٿو بچي.
-
نگران سرڪار جو ڌاڙيلن خلاف رينجرز جي نگراني ۾ آپريشن جو اعلان
سنڌ جي نگران حڪومت ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف رينجرز جي نگراني ۾ ڀرپور آپريشن ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.ٻن صوبائي وزيرن ڊاڪٽر خالد سعيد ۽ بئرسٽر محمد عمر سومرو اھڙو اعلان ڪيو ھو. ھو سکر ۾ شھيد ٿيل سينيئر صحافي جان محمد مھر جي تڏي تي وارثن سان تعزيت ڪرڻ پھتا ھئا.ھنن جو چوڻ ھو تھ سنڌ جي چئن ضلعن ۾ خاص طور تي ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ نگران وڏي وزير کي سفارش ڪبي.هاءِ ڪورٽ اڳ ئي رينجرز جي نگراني ۾ آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڏئي چڪي آهي. ھنن اھو پڻ چيو تھ پهرين 90 ڏينهن جي بجيٽ به جاري ڪئي ويندي.
وزيرن اھو بھ واضح ڪيو تھ نگران حڪومت جي ڪا به مجبوري ناهي جو، ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن نه ڪري سگهون. اسان تي ڪو به سياسي دٻاءُ ناهي.گهوٽڪي کان ڪشمور تائين پکڙيل ڪچي ۾ ڌاڙيل ڪينسر کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.نگران حڪومت جو اھڙو اعلان عام ماڻھن جي خواھش موجب آھي.هن وقت ڌاڙيلن جي ڪارراوين ڪري ڪنڌ ڪوٽ ۽ ڪشمور ضلعي ۾ خوف جو عالم آهي.اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ سنڌ پوليس جي آٿت ۽ آپريشن باوجود ڏوھن تي ضابطو نه آيو ھو.ان دروان اھڙا بھ ڪيترائي واقعا ٿيا جو پوليس چيف جي اتر سنڌ جي دور ڪرڻ دوران وري ڌاڙيل وڌيڪ ماڻھن کي ڏينھن جي روشني ۾ اغوا ڪري ويندا ھئا،يرغمالي بڻايل ٻارن توڙي ماڻھن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ھڪ خوف وارو ماحول پيدا ڪندا ھئا.
سنڌ ۾ ڌاڙيل فئڪٽر ڪڏھن بھ رڪيو نھ آھي، ان کي ختم ڪرڻ يا ان کي منھن ڏيڻ جي لاءِ ھر دوري ۾ وقت جي حڪمرانن دعويٰ تي ڪئي آھي، پر ان طرف ڪنھن بھ حڪومت گھربل ڌيان نھ ڏنو آھي.اتر سنڌ جا ضلعا ڌاڙيلن جو ڳڙھ رھيا آھن،ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن وارا تجربا ھر حڪومت ڪيا آھن،پر اسان وٽ ڪڏھن بھ ڪنھن معاملي جي پاڙ تائين پھچڻ جي ڪوشش نھ ٿي آھي ۽ نھ ئي وري انھن کي مڪمل ختم ڪرڻ جي ڪنھن جي اوليت رھي آھي.اھو ڪو ايڏو ڏکيو سوال نھ آھي تھ ڌاڙيل ڪئين ٿا پيدا ٿين. جتي انھن جي کيپ يا لاٽ تيار ٿيندي رھي ٿي انھن کان بھ ماڻھو آگاھ آھن. دنيا ۾ ھر مسئلي جو حل آھي،ان جا سبب پڻ ڳولي سگھجن ٿا. حڪومت، ان جي مشينري۽ حد جي پوليس ان ۾ سنجيدگي اختيار ڪندي تھ ان سان ڪاميابي ٿي سگھي ٿي.
اتر سنڌ جي ماڻھن کي اھو انتظار رھندو تھ سماج دشمن عنصرن خلاف ڪيل اعلان تي نگران سرڪار ڪڏھن ٿي عمل ڪري ۽ مفلوج ٿي ويل رواجي زندگي ڪڏھن ٿي بحال ٿئي.اميد ڪجي ٿي تھ سرڪار ھن اھم مسئلي کي اوليت ڏيندي، ڌاڙيلن خلاف اثرائتو آپريشن ڪندي ۽ ان جي سببن ڳولڻ جي بھ ڪوشش ڪندي جنھن سان ھن علائقي ۾ ھيڏا سارا ڌاڙيل ڇو پيدا ٿي رھيا آھن ؟