سياست جي اٿل پٿل ۽ عوام

تحرير: رياض ابڙو 

توشاخانا ڪيس جي نيٺ پڄاڻي ٿيڻي هئي، 16 مهينا عمران خان کي ڪرسي تان لٿي مس ٿيا جو اهو شخص وري جيل رسد ٿي ويو ۽ رياست به آهستي آهستي ڪري پي ٽي آءِ جي ٽائرن مان هوا ڪڍي ڇڏي ۽ اها شدت ڏسڻ ۾ نه آئي جيڪا هجڻ کپي ها، ڪنهن معمولي احتجاج ڪيو به ته ڇا، سوشل ميڊيا به چپ ڌري ويٺي جو ڪنهن ٻڻڪ نه ڪڇي ۽ خاموشي سان عمران خان جيل اندر هليو ويو ۽ اها حقيقت به مڃون ٿا ته ڪرسي ۽ ڪنٽينر جو ٻيو در جيل ضررو هوندو آهي، ”صبح کے تخت نشین شام کو مجرم ٹھہرے، ہم نے پل بھر میں نصیبوں کو بدلتے دیکھا ہے“ واري ڳالھه  ٿي وئي، پر نون ليگ جي سياسي ڳوٽ چڙهي وئي، اهي پنهنجي بيانيي ۾ کٽي ويا، سوڀارا آهن هاڻي هزار دفعا شهبازشريف اهو چئي ته عمران خان جو جيل وڃڻ ڪورٽ جو فيصلو هيو، ان فيصلي جي پٺيان سياست، رياست ناهي، بهرحال، ان ڳالھه  کان به انڪار ناهي ته رياست جي مرضي آهي ته سولين کي ڦاهيءَ تي ٽنگن، عسڪري شخصن کي بچائي هلن، انهن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي ان ڪري ته انهن جي مرضي آهي ته اهي سياسي قبلو ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪاڏي سيٽ ڪن، هونءَ پي ٽي آءِ ليڊر ڪورٽن جي ٻڌايل نااهلي ۽ رياست جي سياست جو ٽيون شڪار هوندو جو پي پي جو وزيراعظم به ائين ڪرسي تان گهلي لاٿو ويو هيو،

نوازشريف به ائين ويو ۽ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي وزيراعظم کي گهران گهلي کڻي وڃي جيل ڀيڙو ڪينس، رياست کي اها ڳالھه  طئي ڪرڻ ۾ 16 مهينا لڳي ويا ته آخر ڪهڙو فيصلو اچي جنهن ۾ پي ٽي آءِ سربراھ نااهل ٿئي مثال فارين فنڊگ وارو ڪيس به ڪورٽن وٽ محفوظ پيو رهيو ۽ توشاخانا جو ڪيس به ۽ القادر يونيورسٽي جي ڪرپشن جو ڪيس، ٻيا الاهي سارا ڪيس پر توشاخانا جو ڪيس وري به مضبوط ڪيس چئجي جو ان جا ثبوت هٿ اچي وين ۽ سلطاني گواھ به انهن جي سامهون ٿي بيٺا پوءِ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائڻ ۾ دير ئي نه ٿي،

هاڻي اهڙن فيصلن کانپوءِ نون ليگ جي هنيانوَ تي ڇنڊو پيو ۽ نوازشريف کي ان ڳالھه  جي پڪ ٿي ته ان کي جن ڪورٽن نااهل چيو هيو اهو غلط هيو ۽ هاڻي جن ڪورٽن پي ٽي آءِ سربراھ کي نااهل چيو آهي اهو صحيح آهي، ساڳي نااهلي واري تناظر ۾ ماضيءَ ۾ يوسف رضا گيلاني 2012 ۾ ۽ نوازشريف 2017 ۾ به ڪورٽن پاران نااهل ڪيا ويا هيا ۽ وقت سر وري اسيمبيلن نوازشريف ۽ جهانگيرخان ترين کي رليف ڏنو ۽ اهي نااهلي کي چيلينج ڪرڻ جهڙا ٿي ويا ان ڪري هر پنجن سالن کانپوءِ هر نااهل وزيراعظم، وزير وري اهل ٿي سگهي ٿو ان ڪري هي اڳوڻو وزيراعظم به وري پنج سال انتظار ڪري پوءِ ڌيءُ، پٽ اها ڳالھه  به ڏٺي ويندي.

نيب جو نئون قانون ڪجھه  به آهي پر ان جو متن اهو ضرور آهي ته جيستائين ثبوت هٿ نه اچن تيستائين ڪنهن به ”ڪلپرٽ“ (ڏوهيءَ) جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهي نه ٿا سگهجن، هاڻي 90 وارو دور ويو جو سياستدانن کي ڏھ ڏھ سال جيل ۾ وجهي رڳو ان ڳالھه  جي تاڙ ۾ هوندا هيا ته پنهنجي سياست زنده آباد ڪجي، رڳو پنهنجي سياست ڪجي، جيڪي مخالف هجن انهن کي ڪچلي چٻي ۽ چٿي ڇڏجي، ايترا ڪيس هلائجن جو اهي وري ٻيهر سياست نه ڪري سگهن، ممڪن ئي نه هجي ته ڪير انهن کي ووٽ ڪري، انهن ڏهاڪن ۾ اليڪشن ڪميشن، رياست جا تجربا به زبردست هيا جو رات پيٽ ۾ خبر ئي نه پوندي هئي ته ڪير اليڪشن کٽي مٿي ٿو اچي، ڪير هارائي جيل هليو ويندو ان ڪري ته عام ماڻهن کي اها به ڄاڻ نه هوندي هئي ته ووٽ دٻي ۾ وجهڻ کانپوءِ وڃي ڪاڏي ٿو، ڪير انهن دٻن جي مالڪي ٿو ڪري جو کٽيل به هارائي ٿو وڃي، ڪير هارائي به کٽي ٿو وڃي، 2018 تائين اها به ڳالھه  هئي ته عمران خان کي جڏهن ٺيڪو ڏنو هين ته نئون پاڪستان تون ئي ٺاهي سگهين ٿو ۽ تو کانسواءِ سڀ اوندھ آهي ته هن به اها ڳالھه  ڏيکاري ۽ ملڪ کي اهڙي ڪنڌيءَ هڻي ويو جو وري ملڪ ان ٽريڪ تي نه اچي سگهندو، جيڪي هاڻي لڳل اٿس اهي اڃا ٻه قدم اڳتي کڻي ويندس جو ماڻهو ڏسندا رهجي ويندا ته هن ملڪ سان آخر ٿئي ڇا ٿو ۽ ڪير آخر هن رياست ۽ سياست جو ڌڻي آهي، ڪير هن رياست جو مالڪ آهي ان ڪري ته هتي ”ڌڪ جهلي ڀولي ۽ کٽيو کائي فقير واري ڳالھه  آهي“ جو معدني وسيلا هڪڙن جا ۽ عياشيون ٻين جون.

نيب واري نئين قانون ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي زمري ۾ اها ڳالھه  سمجھڻ آسان آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ عملدار هيڏانهن هوڏانهن جي خبرچار تي ٻَڌڇوڙ نه ڪري سگهندا، سيڪريٽ لا ۾ به اهو آهي ته جيستائين ايجنسين وٽ پوري رپورٽ ۽ ثبوت نه هوندا تيستائئين اهي به ڪجھه  نه ڪري سگهندا، رڳو شڪ جي بنياد تي ڪنهن تي تهمت نه ٿي هڻي سگهجي جيڪا ڳالھه  نيب جي قانون ۾ به واضح آهي ته جيڪي به سيڪريٽ ايجنسيون آهن اهي ڪجھه  به نه ڪري سگهنديون جيستائين اهن وٽ ڪو ثبوت، ڪو اصولن شاهد نه هجي نه ته نيب جي پراڻي قانون ۽ سيڪريٽ لا ۾ ڪهڙو فرق ٿيو، پوءِ نيب جي نئين قانون جي جوڙڻ جي ضرورت پيش ڇو آين، ان ڪري جو پهرين ثبوت پوءِ ڪارروائي ۽ آخر نتيجو، ان ڪري اليڪشن ڪميشن ڀلي خراب هجي جو انهن 8 سالن کانپوءِ فيصلو ڏنو آهي، ان ڪري هاڻي جڏهن به ڪو سياستدان آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو ته ملڪي آئين ۽ قانون ”ايبسوليوٽلي ناٽ“ ته چوندس ان ڪري جو عمران خان جي لاڏلائپ وارو دور ختم ٿي ويو

هاڻي ادارن سان گڏ عوام به هنن جي ساک بحال نه ڪري سگهندو، ان ڪري جو چوري ثابت ٿئي کانپوءِ نااهلي مقدر بڻجي ويس،، جيل مان ضمانت تي ڇٽڻ ٻي ڳالھه، اها ئي سياست جنهن ۾ رڳو ڪنٽينر ئي ڪنٽينر جنهن ۾ هن جو ڪم هاڻي حڪومت جون ننڊون ڦٽائڻ هوندو ۽ ٻيو ڪجھه  به نه، ان ڪري ته اها به ڪورٽن جي چيئرگيم آهي، رياست جي سياست آهي ته جيڪي ڪيس ڏھ ڏھ سال پراڻا هيا انهن جي فيصلي جي گهڙي، محفوظ فيصلن جي ٻڌائڻ جي مهل به هاڻي رٿي رکي هين ۽ سمجهن پيا ته ”اسٽرائيڪ وائيل آئرن از هاٽ“ معني لوھ کي تڏهن ڌڪ هڻو جڏهن اهو گرم هجي، ۽ اڪڙ جي باھ مڪڙ مان به ڪڍو، ناگ به ماريو ۽ لٺ به بچايو ان ڪري هاڻي نون ليگ اها ڳالھه  ڪرڻ ۾ بجا آهي ته جيڪو به ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي جنهن عمران خان نااهل ٿي چڪو اهو ان جي پنهنجي ڪيل عمل جو ردعمل هيو ان ۾ ڪا سياسي چالبازي نه هئي.

عمران خان نااهل ڀلي هجي، اليڪشن وڙهي نه سگهي پر سياست کان معزول ناهي، رياست کي هميشه وانگي هڪ اهڙي مهري جي ضرورت ضرور پوندي آهي جيڪو سياستدانن جي ننڊ ڦٽائي سگهي، جيڪو سياست ۾ خلل وجهي، جيڪو سياسي ڦيٿي کي جهلي، عوام کي اهو سمجهائي ته اهي سڀ غلط ، عمران خان جي لاءِ هاڻي واري سياست ان ڪري موزون هوندي جو اهو جي مخالفت واري سياست ڪندو رهي ۽ عوام کي ايندڙ حڪمرانن جي ظلم ۽ آءِ ايم ايف جي جنڊ جي ٻن پڙن مان جان آجي ڪرائي سگهي، ان ڪري ته سياست ڪري سگهي ٿو توڻي جو ڪا سيٽ نه کٽي سگهي، اها به حقيقت آهي ته عوام کي ڪو ڀرپور مخالف سياستدان ناهي مليو جيڪو فلور تي بيهي ڪا تقرير ڪري سگهي، ڪو فلور تي بيهي حڪومت جي فيصلن جي مخالفت ڪري سگهي ان ڪري ته هتي جيڪي به حڪمران آيا آهن، جن به حڪومت ڪئي انهن رڳو اها ڪوشش ڪئي آهي ته مخالف سندن جي سامهون اسيمبليءَ جي فلور تي بيهي کين اکيون نه ڏيکاري،

ڪا اهڙي ڳالھه  نه ڪري جنهن ۾ حڪومت جا 93 روپيا في ليٽر پيٽرول تي ظاهر ٿي پون، حڪومت جا يوٽليٽي بلن تي مٿڪيون ظاهر ٿي پون، ٽيڪس ڪليڪشن ۽ سرڪاري خرچ کاٻار ظاهر ٿي پون، جيڪي به بي جا ۽ ضرورت کان وڌيڪ سهولتون سرڪاري عملدارن، وزيرن ۽ اميرن ۽ اشرافيا ڪلاس کي ملن ٿيون اهي ڪيتريون جائز ۽ ڪيتريون ناجائز آهن، اهي عوام جو رت چوسي ڪيئن عياشين جا سامان سڌا ٿا ڪن ۽ ڪير انهن کان پڇڻ وارو ناهي ان ڪري جو اهي سڀ پاڻ ۾ ٻِٽُ آهن ۽ اهي سڀ هڪٻئي جي ان ڪري مخالفت نه ڪن جو سمجهن ٿا ته ”ساس ڀي کڀي بهو ٿي“ ۽ اهي جي هاڻي مخالفت ڪندا ته سڀاڻي انهن کي به حڪومت ۾ اچڻو آهي ۽ سڀاڻي اهي به ائين ئي چٿيا ۽ چٻيا ويندا ان ڪري چپڙي ڪري حڪومت ڪجي ۽ حڪومت ڪرڻ ڏني وڃي باقي عوام جو خير آهي ۽ اهي ائين ئي سدائين وانگي خاموش ئي هوندا جو ڪير ڪيترو به پيٽرول مهانگو ڪري ڪير به ۽ ڪا به سياسي پارٽي نه اٿندي ته ڪير به حڪومت کي ڪجھه  به نه چوندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.