بحريا ٽائون انڊسٽريل اسٽيٽ جي نالي تي نئين والار جا سانباها

تحرير: جميل چانڊيو

هونئن ته سڄي سنڌ ڌارين جي والار هيٺ آهي پر ڪراچي کي هڪ نئون اسرائيل ٺاهيو پيو وڃي جيڪو ميگا پراجيڪٽ ۽ ترقي جي نالي هيٺ هڪ نئين والار جاري آهي 80 وارو ڏهاڪو جڏهن سنڌ جي گادي وارو هنڌ ڪراچي امن، شانتي ۽ محبت جي ڌرتي طور تي سڄي دنيا ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ هو شهر ڏسندي ئي ڏسندي ڌارين جي لپيٽ هيٺ اچي چڪو آهي ڪراچي جي داخلي ۽ خارجي رستن ۽ علائقن تي اڳ ڪنهن به ڌاري وٽ يرغمال بڻيل نه هو پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو تيئن ئي ڌرتي جا اصل وارث جيڪي اڄ پاڻ کي هن شهر ۾ غير محفوظ ۽ اقليت جو لفظ استعمال ڪري رهيا آهن سا زميني حقيقت آهي.

بحريا  ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي سٽي بعد ملڪ جي حقيقي حڪمرانن اسپيشل اڪنامڪ زون جي نالي سان هڪ وڏي منصوبابندي ڪئي آهي جنهن ۾ سنڌ جي قيمتي زمين هڪ اهڙي ماڻهو جي حوالي ڪئي وئي آهي جيڪو متضاد آهي جنهن پاور ۽ ڊالر جي زور تي ڌرتي ڌڻين کان لکين ايڪڙ زمين سڌي يا اڻ سڌي طرح کسي ۽ قبضي هيٺ آندي آهي جتي اڄ به هڪ ميگا پراجيڪٽ جيڪو ڪراچي جي ڪاٺوڙ مين سپر هاءِ کان شروع ٿئي ٿو کنڊ جنگ موهيندان گڏاپ، ڪار سينٽر ۽ نيشنل کيرٿر جبل کان ٿيندو وڃي نورآباد تي توڙ ڪري ٿو. هن منصوبي ۾ ماڻهن جيڪي بي يارو مددگار آهن تن کان زبردستي سندن موروثي زمينون، ڳوٺ، وسنديون واهڻ، آبي ذخيرا، پاڻي جا لنگهه، چراغاهون ۽ سنڌ جا ماڳ مڪان قبضو ڪري ميگا پراجيڪٽ جي نالي سان رهائشي اسڪيمون ٺاهي ماڻهن کان اربين رپيا وصول ڪيا آهن.

تازو سنڌ انڊيجينس الائينس جي جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ عوامي آواز کي ٻڌائيندي خدشا ظاهر ڪيا ته بحريا  ٽائون تيزي سان پکيڙ جي حوالي سان وڌي رهيو آهي جيڪو هاڻي واضح ٿي چڪو آهي ته بحريا  ٽائون پاران انڊسٽريل زون لاءِ جيڪو اشتهار ڪراچي مان نڪرندڙ هڪ سنڌي اخبار ۾ 21 آگسٽ 2023 تي جاري ٿيو جنهن ۾ ڄامشوري جي هزارين ايڪڙ زمين تي قبضي جي نئين رٿا انڊسٽريل اسٽيٽ جي نالي تي ڪئي پئي وڃي.

ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت پاران عوامي ٻڌڻي جو پڻ اشتهار جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مذڪوره زمين اسپيشل اڪنامڪ زونز رولز 2013 جي رول 13 تحت، اسپيشل اڪنامڪ زون اٿارٽي سنڌ، ديهه ۽ تپو ڪلو کوهر تعلقو ٿاڻو بولا خان ضلعو ڄامشورو ۾ واقع BTK انڊسٽريل اسٽيٽ کي SEZ اسٽيٽس ڏيڻ لاءِ بحريا  ٽائون ڪراچي جي تجويز ڪيل زون درخواست لاءِ هڪ عوامي ٻڌڻي 20 سيپٽمبر، 2023 تي صبح 11:00 وڳي کان منجهند 1 وڳي تائين SEZA سيڪريٽريٽ، سنڌ انويسٽمينٽ ڊپارٽمينٽ، فرسٽ فلور، ٽاور بي، فنانس اينڊ ٽريڊ سينٽر، مين شاهراهه فيصل، ڪراچي ۾ منعقد ڪري رهي آهي. سڀني دلچسپي رکندڙ ڌرين کي مٿئين معاملي ۾ سندن راءِ ڏيڻ جو موقعو ڏنو ويندو ۽ پڻ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل آفيسرن جا فون نمبر جاري ڪيا ويا آهن.

سنڌ انڊيجينس الائينس جي جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ موجب بحريا  ٽائون انڊسٽريل زون لاءِ جيڪو اشتهار راهه هموار ڪرڻ لاءِ شايع ڪيو ويو آهي تنهن ۾ تپو ڪَلو ڪوهر کي بحريا  ٽائون ڪراچي جي انڊسٽريل زون جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي آهي جڏهن ته ضلعي ڄامشورو جي هزارين ايڪڙ زمين تي نئين والار جو سلسلو جاري آهي اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي ساڃاهه وندن کي گهرجي ته هو ان والار خلاف سنڌ انڊيجينس الائينس جي موقف جي حمايت ڪن ۽ سنڌ ڌرتي کي ڌارين جي آبادڪاري کي وڌيڪ والار کان روڪڻ لاءِ سموريون ڌريون هڪ آواز ٿي ماضي جيان جدوجهد جو رستو اختيار ڪن جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته ڌاريا سنڌ کي بمبئي بيڪري جو ڪيڪ سمجهي ڳڙڪائي ويندا ۽ پوءِ سنڌ جو فلسطين کان وڌيڪ برو حال ٿيندو هينئر به وقت آهي ته سنڌ جي زمينن ۽ دنگن کي بچايون جيڪو اسان تي فرض آهي ڇو جو سنڌ رهندي ته اسان رهنداسين.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.