هدايت بلوچ پنهنجي هڪ شعر ۾ عمومن ملڪ جي پورهيت عوام ۽ خصوصآ سنڌ جي غريب ۽ مسڪين عوام جي حالتن جو عڪس بيان ڪندي هينئن چيو آهي ته
حياتيءَ ۾ ڀاڳن جو ويرو نه آيو،
ڪوئي ڏينهن ٻه بڻجي چڱيرو نه آيو،
سوين سج نڪتا، بهارون به آيون،
مگر اسانجي مقدر ۾ ڪو ڦيرو نه آيو.
انهيءَ ئي پسمنظر ۾ ڏسجي ته گذريل حڪومتن جي دؤران ٿيل مهانگائي جو تسلسل جاري آهي، مسڪين عوام کي بدحال معيشت جيئڻ جي قابل به نه ڇڏيو آهي، هر ايندڙ ڏينهن ملڪ ۾ مسڪين ۽ غريب طبقي جا ماڻهو وڌندڙ مهانگائي ۽ معاشي بدحالي سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، هر اڀرندڙ سج ڪائي بهتر اميد کڻي اچڻ بدران ڪا نه ڪا نئين مصيبت ۽ نئون عذاب ڏئي لهي وڃي ٿو، مسڪين عوام جي هر آس نراس ٿي وڃي ٿي ۽ هر اميد سکن جي بدران سورن جو سامان مهيا ڪندي رهي ٿي ۽ اها ڪائي خبر ناهي ته مسڪين ماڻهن جي دردن جو درمان ڪڏهن ٿيندو ۽ ڪير ڪندو ۽ آخر ڪوئي ڪندو به سهي يا بس مسڪين پنهنجي هن بک بدحالي، بدامني ، بي انصافي ۽ ذلت واري زندگيءَ کي پنهنجو مقدر سمجهي صبر سان ڀوڳيندو رهندو⸮
هن نگران حڪومت جي وزير اعظم پهرين ڏينهن تي زبردست نموني دانشوارنه انداز ۾ خطاب ڪري گهڻي قدر ڪافي حقيتون ۽ ملڪ ۾ موجود معاشي مشڪلاتون بيان ڪندي شروعات ۾ ئي لڳ ڀڳ 20 روپيه تيل جا اگهه وڌائي ۽ عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي، هن مهانگائي سٽيل عوام جي چيلهه ڇٻي ڪري ڇڏي آهي.
ماضي جي حڪومت جي ڏنل زخمن تي مرهم رکڻ بدران هنن لوڻ ٻرڪي وڌيڪ اذيتناڪ بڻائيندي حڪمرانيءَ جي شروعات ڪئي پر پوءِ به مسلسل سورن جي ستايل عوام سوچيو ته شايد هن نگران حڪومت جي ڪنهن اڻٽر معاشي مجبورين سبب ملڪ جي غريب عوام لاءِ من ڪو هي آخري جهٽڪو هجي ته ڪي وري اهو سوچڻ لڳا ته ٿي سگهي ٿو ته ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ شايد ڪائي هنن جي وڏي مجبوري يا ڪائي مصلحت هجي ۽ انکانپوءِ من هنن نگرانن مان ڪا چڱائي جي اميد ٿي پوي ۽ من ڪا خوشيءَ جي خبر به ملي پوي.
انهي سلسلي ۾ مختلف ليکڪ ۽ تجزيي نگار پنهنجي نقطه نظر تحت لکندا ۽ بحث ڪندا رهيا.شايد موجوده نگران حڪومت به ماضيءَ جي حڪومت جيان عوام جي صبر ۽ برداشت کي ٿوري وقت ۾ چڱو خاصو آزمائي ورتو ۽ انهن کي به اها پڪ ٿي وئي ته هن بي حس عوام لاءِ هي سڀ درد ۽ تڪليف ڄڻ ته ڪائي به اهميت نٿو رکي، جنهن ڪري 75 سالن کان ڪڏهن اسلام جي نالي ۾ ته ڪڏهن جهموريت جي نالي ۾ ته ڪڏهن وري ڪهڙي نالي ۾ سکڻن ۽ ٺلهن نعرن، آسرن ۽ دلاسن تي ڀروسو ڪري پنهنجي جهموريت توڙي آمريت جي گڏيل سفر ۾ مختلف عذاب سهندا رهيا آهن ۽ ان معاملي ۾ هنن جو يقينن وڏو دل گردو آهي ۽ سندن سهپ به تمام وڏي آهي.
تنهنڪري تازو وري نگران حڪومت عوام کي بجليءَ جو نئون جهٽڪو ڏيندي بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ ڪري ۽ تقريبن 54 روپيه في يونٽ تي پهچائي اهڙو ته موتمار جهٽڪو ۽ عذاب ڏنو آهي جو پاڪستاني عوام جون دانهون نڪري پيون آهن ۽ عوام گذريل ٻن ڏينهن کان پوري ملڪ ۾ بجليءَ جي وڌايل انهي رقم کي رد ڪرڻ لاءِ ملڪگير احتجاجن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.
پيٽرول ۽ بجليءَ جي اگهن وڌڻ سان ملڪ جي هر هڪ شئي تي انجي مهانگائي جو اثر پيو آهي.
مهانگائي جي ستايل عوام تقريبآ هرهڪ ننڍي وڏي شهر ۾ زبردست احتجاج ڪري بجليءَ جي وڌايل اگهن کي رد ڪري ۽ لڳايل ٽيڪس رد ڪرڻ جي گهر ڪري رهيو آهي.نگران وزير اعظم ڪاڪڙ صاحب عوامي احتجاج جو نوٽيس وٺي، سموري صورتحال جو جائزو وٺي عوام کي بجليءَ جي سلسلي ۾ وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ لاءِ سوچڻ جو چئي رهيو آهي.هاڻي ڏسجي ته هو عوام کي وڌ کان وڌ ڪهڙو رليف ٿو ڏئي سگهي .دراصل نگران حڪومتن کي آئين موجب فيئر اليڪشن ڪرائڻ جو مينڊيٽ مليل هوندو آهي پر هتي شايد ماضيءَ جي حڪومتن جي عالمي ادارن سان ٿيل معاهدن جي تسلسل کي قائم رکڻ لاءِ نگرانن پاران اهڙا فيصلا ڪيا پيا وڃن ها وري ڪي اڃان ٻيا خفيا مقاصد به هجن.
حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جي بيانن مان ائين لڳي رهيو آهي ته نئين آدمشماري ۽ نين تڪبندين جي روشنيءَ ۾ اليڪشن 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ مشڪل ۽ ناممڪن آهي.گذريل مخلوط حڪومت جي هڪ مضبوط اتحادي پارٽي سميت ڪجهه سياسي جماعتون به هرصورت ۾ آئين جو حوالو ڏيندي 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو مطالبو ڪري رهيون آهن، جيڪا ڳالهه آئيني اعتبار کان ته بلڪل درست آهي پر اتي هڪ سوال اهو به پيدا ٿو ٿئي ته آخرڪار انهن جهموريت ۽ آئين جي احترام جون ڳالهيون ۽ دعويداري ڪندڙ سياسي جماعتن پنجاب ۽ خيبر پختون خواه ۾ 90 ڏينهن اندر آئين موجب چونڊون ڪرائڻ واري مطالبي جي ڇو مخالفت ڪئي⸮
مطلب ته هتي حڪمران جڏهن اقتدار ۾ آهن تڏهن انهن جي ٻولي ٻئي آهي ۽ جڏهن اقتدار کان ٻاهر آهن تڏهن سندن ٻولي ٻئي آهي يعني ڪنهن به ريت حقيقت پسند ۽ جهموريت پسند بلڪل به ناهن، بس اها صرف ڪوڙي ۽ منافقت واري دعوا آهي، جنهنڪري هنن کي اقتدار دؤران پنهنجو هر غير آئيني عمل به درست ٿو لڳي ۽ جڏهن اقتدار کان ٻاهر آهن تڏهن پوءِ ساڳين ئي معاملن ۾ آئين ٿو ياد اچي.دراصل هي جهموريت نه پر منافقت جو ٻٽو معيار آهي، جيستائين سموريون سياسي پارٽيون اقتدار ۾ هوندي يا ٻاهر هوندي آئين جي پاسداري ڪندي جهموري قدرن جو خيال نه رکنديون ۽ حقيقت پسنديءَ کي به قبول ڪنديون، تيستائين هن ملڪ ۾ بهتري نه اچي سگهندي ۽ ملڪ اندر انصاف نه ملي سگهندو.
نگران حڪومت لاءِ هن وقت وڏي ۾ وڏو ڪم حقيقي طور آزادانه، غير جانبدارانه ۽ منصفانه چونڊون ڪرائڻ جو وڏو چئلينج مؤجود آهي، جيڪي اڄ ڏينهن تائين شايد ڪڏهن به نه ٿي سگهيون آهن.اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن نگران حڪومت انهيءَ ٽاسڪ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته پوءِ يقينآ قوم کين سٺن الفاظن ۾ ياد ڪندي رهندي.