امين جويي جي ڪتاب ” تحقيق جي ڀري ”جو جائزو

تحرير: مومل پنهور

امين جويو جو هي ڪتاب ، مون هن سال ايس ايل ايف ۾ هڪ بُڪ اسٽال تان خريد ڪيو . ڪتاب خريد ڪرڻ کان پوءِ جڏهن گهر اچي مون هن ڪتاب کي پڙهيو ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي،  ڇو ته هي ڪتاب سنڌ جي ڪاڇي ۾ موجود خوبصورت پينٽنگ ٿيل مقبرن کي بچائڻ جي لاءِ لکيو ويو آهي . پر ان سان گڏ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي ٿيل ڪجهه خاص واقعن جو ذڪر به ٿيل آهي.

امين جويي هي تحقيقي ڪم رڳو گهر ۾ ويهي ۽ ڪتاب پڙهي ڪو نه ڪيو آهي ، پر هو ڪاڇي ۾ پاڻ رليو آهي ، ان لاءَ هن کي ڪافي ڏکيائي به پيش آئي . ان ڪري جو ڪاڇي ۾ ڪجهه جاين تي پاڻي ڪونهي ته ڪٿي وري رستا ناهن .

تنهن هوندي به هو پنهنجي خرچ تي پاڻ ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل سمورا علائقا گهميو آهي ، اتان جي مقامي ماڻهن کان انٽرويوز ڪيا آهن ، مقبرن ۾ موجود خوبصورت پينٽنگز جو تصويرون ڪڍيون آهن ۽ انهن مقبرن جون ماپون پڻ ورتيون آهن. امين جويو جو ڪم ڄڻ ته ٿيسز لکڻ وانگر آهي ، ڇو جو هن جي مضمونن ۾ پهريان ته مقصد بيان ڪري ٿو، پوءِ ان جو مختصر تعارف ٿو ڪرائي ، پوءِ وري ان ماڳ جو  ڏس پنڌ ٿو ٻڌائي ته جيئن ، بعد ۾ ڪو ماڻهو ان هنڌ وڃڻ چاهي ته کيس سولائي ٿئي. ان کان سواءِ امين کان پهريان ٿيل تحقيق بابت پڻ حوالا ڏئي لکي ٿو. پوءِ هو پنهنجي ڪيل سفر کي ڏاڍي دلچسپ نموني سان لکي ٿو ، جنهن کي پڙهڻ سان ڪاٿي کلڻ ٿو اچي ته ڪٿي وري ڏک ٿو ٿئي . پر ان سان گڏ اسان کي معلومات به ملي ٿي . آخر ۾ هو پنهنجن بيان ڪيل ماڳن کي بچائڻ لاءِ تمام مفيد ۽ ڪار آمد صلاحون ڏئي ٿو . انهن تي عمل ٿئي ته اهي خوبصورت ۽ تاريخي مقبرا بچي سگهن ٿا . پر مون کي جيڪو مضمون سڀني کان وڌيڪ وڻيو آهي ، ان جو عنوان آهي ( جوهي تعلقي ۾ موجود ديهه آراڙي وارا قديم مقبرا ) هن مضمون کي مون ٻه ٽي ڀيرا وڏي غور ۽ فڪر سان پڙهيو آهي ، ته مون کي خبر پئي ته اهو علائقو اڳ ۾ پنهورن جو هوندو هو .  ان لاءِ هو هڪ قديم ڪتاب ( تاريخ مظهر شاهجهاني ) جو حوالو ڏئي ٿو ، جنهن ۾ ان جي ليکڪ يوسف ميرڪ لکيو آهي ته  ؛ ( پوٺي جي آبادي وارا علائقا اڳ ۾ ڪنهن جي ضابطي هيٺ نه هئا ،  ڇو جو  اتي پنهور رهندا هئا ، جيڪي آراڙي ۾ رهندا هئا ۽ زور آور هئا ۽ انهن کان ڍل به ڪا نه ورتي ويندي هئي ) مطلب ته ان مان مون کي لڳي ته واقعي به پنهور شايد پراڻي زماني ۾ ڪاڇي جي ايريا ۾ رهندا هئا شايد پوءِ ڪنهن سبب جي ڪري اهي سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ٽڙي پکڙجي ويا هوندا .

جيئن ته يوسف ميرڪ صاحب جو اهو ڪتاب سن 1635ع ۾ لکيو ويو آهي . ان ڪري مون کي يقين آهي ته پنهور واقعي قديم دور ۾ طاقتور قبيلو هئا ۽ بعد ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾اهي ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ ڪاڇو ڇڏي سنڌ جي ٻين علائقن ۾ وڃي آباد ٿيا. هن مضمون ۾ امين جويو ڏاڍا اهم ۽ پراڻن ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن . ۽ مقبرن جي زبون حالي ۽ انهن ۾ موجود کڏا به اهو ثابت ڪن ٿا ته اهي مقبرا پنهورن جا ٿي سگهن ٿا . ڇو ته اتي انهن جي مالڪي ڪانهي ڪا . جڏهن ته اتي موجود لنڊ قبيلي جي ماڻهن جي دعويٰ آهي ته اهي سمورا مقبرا انهن جي وڏڙن جا آهن ، پر جي ائين هجي ها ته پوءِ هو رڳو ٻن چئن مقبرن جي مالڪي يا وارثي ڇو ڪن ها ڀلا ؟ . ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه مقبرا لنڊن جا به هوندا ، پر ڪجهه مقبرا پنهورن جا به هوندا . ڇو ته جڏهن جنگ لڳندي آهي ته جنگ ۾ ٻنهي طرفن جا ماڻهو شهيد ٿيندا آهن . تنهن ڪري اتي موجود ڪجهه مقبرا پنهورن جا به هوندا ، ان ڪري ته انهن  جي حالت خراب آهي ۽ ماڻهو انهن ۾ موجود قبرن جي کوٽائي ڪري کڏا ڪري ويا آهن . مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو اهو سڀ ڪجهه پڙهي . هاڻي آئون ضرور اتي وقت ڪڍي ويندس ۽ اهي مقبرا به ڏسنديس سنڌ حڪومت جي قديم آثارن واري کاتي کي اپيل ڪنديس ته ، انهن مقبرن کي ڊهڻ ٿيڻ کان بچائين . ته جيئن اهي مقبرا ۽ انهن ۾ اندر ٿيل قديم ۽ خوبصورت چٽسالي به بچي پوي. امين جويو تمام گهڻي محنت ڪري اهڙن جاين تي وڃي ٿو ۽ اسان تائين اهڙي معلومات ٿو پهچائي ، جيڪا اسان اڳ ۾ ناهي ٻڌي. هي تمام سٺو ڪتاب آهي ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ خوبصورت پينٽنگ ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن کي پڙهڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.