لاهور (عوامي اواز نيوز) اٽڪل جيل ۾ قيد عمران خان جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي ٽيم کي سيٽ لائيٽ فون ۽ ٻن آءِ فون جا پن ڪوڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، نامياري صحفي معظم فخر جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي ٽيم عمران خان جو سيٽ لائيٽ ۽ ٻه آءِ فون کولڻ لاءِ پن ڪوڊ گهريو ته عمران خان جواب ۾ چيو ته ان لاءِ عدالت وڃو جيڪڏهن عدالت حڪم ڪيو ته پن ڪوڊ ڏيندس ٻي صورت ۾ نه ڏيندس. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪنالاجي جو دور آهي پن ڪوڊ جديد ٽيڪنالاجي سان ” ڊي ڪوڊ “ ٿي ويندا. اصل ۾ ٽيم پن ڪوڊ گهري اخلاقي ۽ قانوني گهرج پوري ڪئي ٻيو ته اهميت جو به اندازو لڳايو ويو ته عمران خان پن ڪوڊ نٿو ڏئي ان جو مطلب آهي ته ضرور اهم مواد يا شاهديون سيٽ لائيٽ ۽ ٻن آءِ فون ۾ موجود آهن.