فاطمه ڪيس جي جوابدارن کي پير نه سڏيو وڃي: راشد شاهه راشدي

ميرپورخاص/ٽنڊوآدم(م ڊ)پاڪستان مسلم ليگ (ف) جي اڳواڻ سيد راشد شاهه راشدي اپيل ڪئي آهي ته راڻي پور فاطمه ڪيس  جي جوابدارن کي ”پير“ نه سڏيو وڃي.ميرپورخاص ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راشد شاهه راشدي چيو ته راڻي پور فاطمه ڪيس ۾ اپيل آهي ته جوابدارن کي پير نه چيو وڃي. هن چيو ته ڇوڪرين سان زيادتي جي جوابدارن کي ڦاهي تي چاڙهيو وڃي.فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ چيو ته هاڻي عوام ۾ ڪو به جوش ناهي. جيڪڏهن ڊالر 500 تائين پهچي ويو ته پوءِ ڪجهه به نه ٿيندو.هن اهو به چيو ته جيڪي حڪومت ۾ اچڻ وارااپوزيشن کي اعتماد نٿا وٺن، فيصلا ڳجهن اجلاسن ۾ ٿيندا آهن، هوڏانهن  پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي نائب صدر سيد راشد علي شاھ راشدي ٽنڊو آدم جي ڳوٺ سنجر خان جوڻيجو ۾ پ پ پ جي اڳوڻن ايم اين ايز روشن دين جوڻيجو ۽  محمد خان جوڻيجو سان سندن ڀاءُ مرحوم بابر علي جوڻيجي جي تعزيت ڪئي، تعزيت دوران علاؤالدين جوڻيجو، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي ٽنڊو آدم  غلام مرتضي جوڻيجو ۽ ٻيا موجود ھئا. ان بعد سيد راشد علي شاه ريلي جي صورت ۾ ڳوٺ مير حسن مري پھتو جتي فنڪشنل ليگ جي اڳوڻي ايم اين اي لياقت علي مري سان سندس ڀيڻ جي وفات تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي  اڳوڻو ايم پي اي فقير محمد بخش خاصخيلي، ڊاڪٽر خان محمد مھر، خليفو محمد قاسم مھر. رئيس حبيب خان مري، ماھي خان وساڻ، ڊاڪٽر قمبر علي مري، اويس مري، بابر ھنڱورو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.