راڻيپور (ن ع آ) جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ علامه راشد محمود سومرو جي خصوصي درخواست تي امه ويلفيئر ٽرسٽ طرفان پاران شهيد فاطمه ڦرڙو جي وارثن جي مالي سهائتا،تفصيل موجب : جي يو آءِ سنڌ جي سرپرست مولانا مير محمد ميرڪ جي اڳواڻي ۾ وفد ڳوٺ علي محمد ڦرڙو پهچي شهيد فاطمه ڦرڙو جي والدين کي امه ٽرسٽ جي مدد سان 3 لک رپين جي نقد مالي سهائتا طور ڏنا، ان موقعي تي مولانا مير محمد ميرڪ چيو ته سنڌ جي حڪمران رھندڙ جماعت ڪيس تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش پئي ڪري ۽ اڳوڻي حڪومت جي قيادت جو هن وقت تائين ان مامري تي ڪو چٽو موقف ناهي آيو، هن سنڌ جي نگران سرڪار کان مطالبو ڪيو ته حنا شاھ ۽ فياض شاهه کي فوري طور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.