راڻيپور(ن ع آ)شهيد فاطمه ڦرڙو جي امڙ شبنم ڦرڙو ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران پير سيد فياض شاهه جي ڀاڄائي مٿان الزام هڻندي چيو ته گذريل رات مونکي فون ڪال ذريعي ڌمڪيون ڏنيون ويون ته اوهان حنا شاهه جو نالو فاطمه ڪيس ۾ نه کڻو نه ته سنگين قسم جا نتيجا ڀوڳڻ پوندا جنهن ته مون کين جواب ڏيندي چيو ته سموري سنڌ مون سان گڏ آهي مرندي مري وينداسين پر پنهنجي ڪيس تان هٿ نه کڻنداسين ڀلي ڪجهه به ٿي پوي نياڻي جي خون جو سڌو نه ڪنداسين ۽ قاتلن کي ڪنهن به صورت بخش نه ڪنداسين پوءِ ڀلي پنهنجي جان جو نذرانو ڏيڻو پوي