سانا پاران شهيد فاطمه جي والدين کي گهر ٺاهرائي ڏيڻ جو اعلان

راڻيپور(ن ع آ ) فاطمه واقعي بعد سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ جي نالي سان آمريڪا ۾ رھندڙ سنڌين جي تنظيم سانا جو صدر  ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو، محمد طفيل ميمڻ، ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو، ڊاڪٽر علي اڪبر نائچ، پنھنجي وفد سان گڏجي خانواھڻ لڳ ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ پھتا. جتي ھنن فاطمه جي پيءُ نديم ڦرڙو ۽ ماءُ شبنم ڦروڙ سان تعزيت ڪئي ۽ سانا تنظيم پاران 15 لکن جي مالي سهائتا جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ھنن چيو ته ان رقم مان سندن گھر جي اڏاوت ڪئي ويندي. جڏهن ته فاطمه جي پيءُ نديم علي ڦرڙو کي روزگار سان لڳايو ويندو ۽ اسان جي تنظيم فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان هر ممڪن مدد ڪندي رھندي. ان موقعي تي ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو چيو ته سانا تنظيم جو صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو جس لھڻي جنھن پهرين ڏينهن ئي فاطمه جي وارثن کي مالي مدد پندرهن لک ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. اڄ سندس سانا جي سموري ٽيم ڳوٺ پهچي کيس رقم جو اعلان ڪيو ۽ ان رقم مان فاطمه جي پوڙھي پيءُ کي روزگار سان لڳائي سندس گهر جو چلھو آباد ڪنداسين ۽ انشاالله فاطمه جي خون سان انصاف ٿيندو. اسان انصاف ڏيارڻ تائين فاطمه جي وارثن سان گڏ آهيون ۽ رھنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.