راڻيپور (رپورٽ فياض حسين راڄپر) فاطمه ڦرڙو ڪيس جي جاچ ۾ شامل شڪي بنيادن تي شامل ڪيل چئن جوابدارن کي سوشل ميڊيا تي آزاد ڪرڻ جو خبرون هلڻ بعد پوليس کين ٻيهر گرفتار ڪري ورتو انهن کي آزاد ڪرڻ يا ڪيس ۾ شامل ڪرڻ جي آء ٽي جو آھي اسان وٽ ٿاڻي گرفتار ٿيل آھن پوليس تفصيل موجب فاطمه ڦرڙو ڪيس جي جاچ ۾ شامل شڪي بنيادن تي شامل ڪيل چئن جوابدارن کي پوليس پاران آزاد ڪرڻ بعد ٻيهر گرفتار ڪري ورتو آھي تشدد بعد قتل ٿيل نينگري فاطمه جي واقعي ۾ سھولتڪاري جي الزام ھيٺ گرفتار ٿيل ايس ايڇ او امير چانگ ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ سابق ايم ايس علي حسن وساڻ ڊسپينسر امتياز ميراثي کي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد آزاد ڪرڻ جا سوشل ميڊيا تي افواھ هلي رهيا هيا جاچ ڪاميٽي ۾ شامل ايس ايڇ او بچل قاضي افواھ جي ترديد ڪندي چيو ته سمورا جوابدار پوليس تحويل ۾ موجود آھن جي آءِ ٽي سهولتڪاري جي الزام ۾ گرفتار ٿيل سمورن جوابدارن کان جاچ مڪمل ڪري ورتي آھي سمورن جوابدارن پنھنجا بيان به مڪمل ڪري ورتا آھن جي آءِ ٽي جي جاچ دوران جوابدار بي گناھ ثابت ٿيا آھن انھن جي آزادي يا ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ جو فيصلو جي آءِ ٽي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو ته انهن کي ڪيس ۾ شامل ٿا ڪن يا کين آزاد ڪيو ٿو وڃي، جڏهن ته حنا شاهه گرفتار نه ٿي سگهي.