ڪراچي ۾ پوليس مقابلو، 3 مبينه ڦوروگرفتار

ڪراچي(رپورٽر) ڪورنگي لنڪ روڊ ويجهو پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد هڪ زخمي سميت 3 مبينا ڌاڙيلن  کي گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان 2 پسٽل، موبائل فونز ۽ 2 موٽر سائيڪلون هٿ ڪري ورتيون. ضلعي ڪورنگي پوليس جي ترجمان آچر ڏينهن جاري ڪيل پڌرائي مطابق گرفتار جوابدارن ۾ ياسين، ايلون ۽ (زخمي) حسين سامل آهن. ڪورنگي پوليس زخمي جوابدار کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

حب ڀواني وٽ رڪشا ۽ ويگو گاڏي ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو شديد زخمي

حب(ن ع آ) حب ڀواني وٽ رڪشا ۽ ويگو گاڏي ۾ ٽڪر هڪ شخص شديد زخمي ٿي ويو آهي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر لسٻيله روهانه  گل ڪاڪڙ زخمي شخص کي پنهنجي گاڏي ۾ ريسڪيو ڪري ان کي سول اسپتال ڄام غلام قادر حب منتقل ڪري ڇڏيو آهي

گورنر سنڌ 4 سالن جي عائشه جي گم ٿيڻ  جو نوٽيس ورتو

ڪراچي(رپورٽر) گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري 14 آگسٽ جي ريلي دوران 4 سالن جي عائشه جي وڃائجي وڃڻ جو نوٽيس ورتو  آهي. گورنر سنڌ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي عائشه جي ڳولا لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته سي سي ٽي وي ڪيميرائن جي مدد سان ان ڳالهه جو پتو لڳايو وڃي ته ڪهڙو ماڻهو عائشه کي اسٽيج تان پاڻ سان گڏ کڻي ويو،گورنر سنڌ چيو ته ٻارڙي جي ڳولا ۾ عائشه جي والدين جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي

هڪ ارب 17 ڪروڙ جي کنڊ افغانستان اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

ڪراچي(م ڊ) هڪ ارب 17 ڪروڙ جي کنڊ افغانستان اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بنائي وئي آهي.ايڊيشنل ڊائريڪٽر  ڪسٽمز معين افضل نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته پاڪستان کان افغانستان جي لاءِ هڪ ارب 17 ڪروڙ روپين جي ماليت جي کنڊ اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بنائي وئي آهي. 2 ڪنٽينرز ۾ کنڊ جون 1650 ٻوريون فلٽر ٿيل پاڻي سان گڏ اسمگلنگ ڪيون پئي ويون.هن ٻڌايو ته پرڏيهي شين جي اسمگلنگ جي لاءِ اسمگلرز آف روڊ ٽريڪ جو استعمال ڪري رهيا آهن. مافيا هاڻ ننڍين پڪس اپس ۾ مقامي شين سان گڏ پابندي مڙهيل شيون اسمگلنگ ڪرڻ لڳي آهي.هن ٻڌايو ته انڊين گٽڪو، سوپاري سيمنٽ سان گڏ اسمگلنگ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، لينڊ روور پڪ اپ مان 36 لک روپين جي ماليت جي اسمگلنگ ٿيل شيون هٿ ڪري ضبط ڪيون ويون آهن. اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ 81 لک روپين جي ماليت جي لينڊ روور پڪ اپ به به ضبط ڪئي وئي آهي.هن ٻڌايو ته  هڪ ڪيس ۾ اسمگلنگ جي لاءِ ڪنٽينر جا ڌار ڳجها خانا ٺاهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اختيارين جاچ دوران ڳجهن خانن ۾ اسمگلنگ ٿيل سوپاريون، انڊين گهٽڪو هٿ ڪري ورتو آهي.

ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جو احتجاج، لٺبازي، ڪيترائي ڪارڪن گرفتار

ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي شهر شاهراهه فيصل ۽ نيشنل هاءِ وي تان پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ريلي  لاءِ گڏ ٿيندڙ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شاهراهه فيصل مان تحريڪ انصاف جي 20 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. شاهه لطيف پوليس پي ٽي آءِ جي 10 ڪارڪنن کي پڻ حراست ۾ ورتو. ٻئي طرف عورتن سميت تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جو وڏو انگ مزار قائد تي پهتو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي موٽر سائيڪل ريلي پڻ قائداعظم شاهراهه تي پهتي. شاهراهه قائدين تي نڪتل ريلي تي پوليس لاٺي چارج ڪندي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.

امير وانگر غريب ماڻهو کي پڻ معياري علاج جون سهولتون ملڻ گهرجن: ڊاڪٽر نديم جان

اسلام آباد (م ڊ) صحت واري نگران وزير ڊاڪٽر نديم جان آچر ڏينهن پمز اسپتال جي   ايمرجنسي سميت مختلف وارڊز جو دورو ڪيو. جتي هن مريضن جي عيادت ڪئي ۽ طبي سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي صحت واري وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو ته سرڪاري اسپتالن جي ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ مربوط پلان موجود آهي، بهترين طبي سهولتن جي فراهمي رياست جي ذميداري آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪبي. هن چيو ته امير وانگر غريب ماڻهو کي پڻ معياري علاج جون سهولتون ملڻ گهرجن. امير ماڻهو پيسي جي زور تي پنهنجي مرضي جي نجي اسپتالن ۾ علاج ڪرائي وٺندو آهي. صحت کاتو ماڻهن جي خدمت وارو شعبو آهي. هن چيو ته ايم آر آئي مشين جي خرابي جو ذميدار ڪير آهي، ان حوالي سان شفاف انڪوائري ڪئي ويندي، 6 سيپٽمبر ڊيڊ لائين آهي، ايم آر آئي فنڪشنل ٿئي. نگران وزير چيو ته ٿوري وقت ۾ انسانيت جي خدمت جو جذبو کڻي آيو آهيان، ڏکويل انسانيت جي خدمت جي لاءِ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي کي پنهنجي حاضري يقيني بنائڻي پوندي. هن چيو ته علاج دوران مريضن جي عزت نفس ۽ وقار جو خيال رکڻو پوندو. اسپتال ۾ صفائي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي.

ٽيلي ڪام مشينري جي درآمد ۾ جولاءِ دوران اضافو

اسلام آباد (م ڊ) ٽيلي ڪام مشينري جي امپورٽ  ۾ جولاءِ دوران اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. قومي شماريات جي طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جولاءِ ۾ ٽيلي ڪام ميشنري جي امپورٽ جو ڳاڻيٽو 91 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 32 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل سال جولاءِ ۾ ٽيلي ڪام ميشنري جي امپورٽ تي 69 ملين ڊالر جو ناڻو خرچ ٿيو هو، جون جي ڀيٽ ۾ جولاءِ ۾ ٽيلي ڪام ميشنري جي امپورٽ ۾ ماهوار بنيادن تي 6 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.