گل قبر تي آڻجان

تحرير: ساجد سنڌي

يادگيرين جا پل سھيڙڻ لاءِ  اڄ سنڌ ڌرتي جي ننڍڙي وستي ڦلجي اسٽيشن جو ذڪر ڇيڙڻ جي لاءِ  دل جو اڱڻ آتو آھي.ھن شھر جي وسندڙ وستي ۾ ھڪ پيار پاٻوھ جو پانڌيئڙو، محبت جو ڪوڏيو دل جو سھڻو سنڌو درياهه ڊاڪٽر قربان جھتيال رھندڙ ھو.جنھن وٽ سڪ قرب ورھائڻ جون اڻکٽ کاڻيون ھيون.جيڪو وٽس ھڪڙو ڀيرو پيرپائڻ لاءِ  ايندو ھيو ته ھو محبت جي مٺاڻ واري ماکي لار ۾ جڪڙجي ويندو ھيو

جنھن جي آڳند تي سنڌ جو شعور ڏات جو جرڪندڙ ڏيئو سدائين روشن راھ وٺيو حق سچ جوھوڪو پيو ڏيندو ھيو ڪڏھن سنڌ جو سرموڙ شاعر سائين راشد مورائي پنھنجي ڏات جا ٻول پنھنجي يار سان گڏ اچي جونگھاريندو ھو ته

مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاھي

ان واٽ تان گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر (راشد)

ياد ڪرڻ وارو ثمر سائين راشد مورائي ڪڏھن ڪين ڇڏيو پنھنجي يار ڊاڪٽر قربان جھتيال سان محبت جي مياڻ جو رشتو ناتو ھميشه تائين نڀايو.

چاپائي ڏاڙھي چھري تي ٺھندڙ شھپر مٿي تي سنڌ جو تاج ڀلوڙ سنڌي ٽوپي ڪلھن تي سنڌ جي سونھن اجرڪ ويڙھيل ساري سنڌي لباس ۾ جرڪندڙ شخص فراخ دلي وارو شاعر زخمي چانڊيو پڻ ڊاڪٽر قربان جھتيال جي محبت ۾ مخمور ٿي ايندو ھيو ۽ يار سان ٽھڪن جي ٽانڊاڻ ۾ مشاعرا مچائيندي پنھنجي شاعري جا بند اچاريندو ھو ته

جو ھن ڌرتي جو دشمن آ،

ان جي ته ڳلي جو ھار نه ٿي. (زخمي)

زخمي چانڊيو پنھنجي شھادت جي جام پيئڻ  تائين پنھنجي يار سان ڳانڍاپو قائم رکيو. ان کان علاوه شھر جوھي جنھن ڪيترائي اديب، ليکڪ، شاعر پيدا ڪيا،  جن مان جنھن چيو

مرندس ته اچي يادون ڳوڙھن کي چميون ڏيندئي

ڳوڙھن جون وھي لارون ڳلڙن کي چميون ڏيندئي

ڪم ڪار جي سانگي سان جوھي ۾ جڏھن ايندين

ھن شھر جي مٽي به پيرن کي چميون ڏيندئي. (مدھوش)

ھا اھو احمد خان مدھوش به ڊاڪٽر قربان جھتيال سان روح جي رھاڻ ۾ جڪڙيل ھو. شاعراڻي مزاج ۾ رھندڙ احمد خان مدھوش جڏھن ڦلجي اسٽيشن ۾ پنھنجي يار وٽ ڪھي ايندو ھو ته پنھنجي مٺڙي ٻولي شاعراڻي انداز ۾ چوندو ھو ته

سر لڳي سھڻي سڄڻ سان سر لڳي

دل جي دلبر من جي من سان سر لڳي

يار منھنجو سانورو مدھوش آ

تنھنڪري ڪل سانورن سان سر لڳي. (مدھوش)

ايئن ڪيترائي سنڌي لوڪ ادب جا راڻا ڊاڪٽر قربان جھتيال سان رھاڻيون پيا رچائيندا ھئا.

سندس استاد سائين محسن ڪڪڙائي پيار، خلوص جي محبت سان پنھنجي شاگرد وٽ ڪھي اچي کوڙ ساريون اصلاحون ڪندي راتين جون راتيون ڪچھري جي لمحن ۾ گذاري پنھنجي  شاعراڻي مزاج جا ٻول پڻ چوندو ھو ته

ترس جو مان حسن کي چاھي وٺان

زندگي جو قرض آ لاھي وٺان

اڄ اچڻ جو ھن ڪيو انجام آ

مان به ٿورو پاڻ کي ٺاھي وٺان

چند گھڙيون ويهھ محسن مان اجھو

گھر جو ڪم منٽن ۾ ٿي لاھي وٺان.(محسن ڪڪڙائي)

ايئن زندگي جي ھلچل ۾ سائين محسن ڪڪڙائي ڪيترائي ڀيرا ڦلجي اسٽيشن جي شھر ڏانھن پنڌ پيچرا ڪندو رھندو ھيو. ان کان علاوه ڊاڪٽر قربان جھتيال ٻيا ڪيترائي دوست شاعر سندس ڪلينڪ تي ڪچھرين جا لمحا اچي گذاريندا ھئا. سنڌ جي ڀلوڙ شاعر بيدل ۽ بيڪس جي احاطي مان ادل سومرو ۽ اياز گل يادگيرين جا انبار کڻي وٽس ساري ماحول جي عڪاسي ڪندي چوندو ھيو ته،

يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي

ڪنھن وڇوڙي جي سال ڪم ايندئي. (اياز گل)

ھا وڇوڙو جيڪو وڍ ڏئي سنڌ جي اديب ليکڪ شاعر سماجي اڳواڻ صحافي ريڊيو لسنر ڊاڪٽر قربان جھتيال اسان کان جسماني طور جدا ڪري ڇڏيو. جنھن شھر جو نالو ڦلجي اسٽيشن گھڻو مشھور ريڊيو جي ھلندڙ پروگرامن ۾ ڊاڪٽر قربان جي ڪري ٿيو. ادب جي لحاظ کان ڦلجي اسٽيشن کي ڊاڪٽر قربان جھتيال تمام گھڻو اڳتي آندو، ڪيترن ئي ڇپجندڙ رسالن سميت اخبارن ۾ شاعري سان گڏ ٻيو ڪيترو ئي ادبي مواد موڪليائين ان کان علاوه ننڍڙي شھر جي وستي ۾ وڏا وڏا ادبي پروگرام ڪرايائين يعني ھر حوالي سان پاڻ کي ھر قدم اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش جاري رکيائين ڪڏھن پاڻ کي ٿڪايل محسوس ڪون ڪيائين. سڄي سنڌ ۾ ادبي ميڙاڪن ۾ پھچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي پھچي پوندو ھو. وڇوڙي جي پسمنظر ۾ پاڻ کي محسوس ڪندي پنھنجي پرين پيارن کي نماڻي التجا ڪري چوي ٿو ته

گل قبر تي آڻجان وصيت اٿئي

ٿورو گھڻو پيو سارجان وصيت اٿئي.(قربان)

اڄ جڏھن ڊاڪٽر قربان جھتيال جي يارھين ورسي جي حوالي سان سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ڊاڪٽر نبي بخش ھال ۾ سندس شاعراڻي مزاج وارا يار اديب دانشور ليکڪ سماج سڌارڪ سندس زندگي تي روشني وجھندا ته وقت ٿورو ٿي  پوندو ۽ لفظ ڪيترائي گھڻا ٿي پوندا ۽ ڊاڪٽر قربان جي شخصيت وارو باب اڻکٽ ٿي پوندو جنھنکي پورو ڪرڻ لاءِ  صدين تائين کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.