فاطمه قتل ڪيس: حناشاهه روپوش، فياض شاهه به هٿ نه آيو

ڪراچي (رپورٽر) راڻيپور جي حويلي ۾ زيادتي ۽ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ روپوش حنا شاهه ۽ سندس پيءُ فياض شاهه گرفتار نه ٿي سگهيا، حنا شاهه ضمانت جو مدو پورو ٿيڻ بعد عدالت آڏو پيش ٿيڻ بدران روپوش ٿي وئي، جڏهن ته قتل ڪيس جي مک جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري رهيو، خيرپور ۾ ڊاڪٽرن، نرسنگ اسٽوڊنٽس ۽ سول سوسائٽي پاران قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،  جڏهن ته ايس ايس پي خيرپور روحل مير کوسو چيو آهي ته ڪنهن جي به دٻاءُ ۾ نه اينداسين، حنا شاهه ڪٿي به هوندي ان کي گرفتار ڪيو ويندو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته   پريشر ۽ دٻاءُ جي باوجود ايمانداري سان ڪم ڪيون پيا، سمورن قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٻن هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته حنا شاهه ۽ فياض شاهه ڪراچي ۾ موجود آهن جڏهن ته فاطمه ڦرڙو جي وارثن تي جوابدارن طرفان دٻاءُ وڌو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.