راڻيپور(رپورٽر) فاطمه ڪيس ۾ پوليس مٿان رشوت گهرڻ ۽ صحافين کي ڌمڪائڻ جي مبينه الزام تحت راڻيپور پوليس هڪ نوجوان اڪبر ڪلهوڙو کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي تي کڻي وڃي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، جڏھن ته اڪبر ڪلھوڙو سوشل ميڊيا تي پوليس اھلڪارن ۽ صحافين خلاف گھٽ وڌ ڳالھيو هو جنھن بعد پوليس ان کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ان کان جاچ شروع ڪري ڏني، واضح رھي ته گذريل ڏينھن پوليس ۽ صحافين خلاف غلط ڳالھائڻ ۽ ڪيس ۾ رخنو وجھڻ جو 40 ڄڻن مٿان راڻي پور ٿاڻي تي ڪيس داخل آھي جنھن ۾ گرفتارين لاءِ پوليس جاچ جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آھي.