رپيو ڪري پيو، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 301 رپين جو ٿي ويو

ڪراچي (رپورٽر ) مُلڪ ۾ رُپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب موجب، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي مُلهه ۾ 78 پئسا واڌ ٿي آهي جنهن کانپوءِ هڪ ڊالر 301 رُپين جو ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر  جو مُلهه 314 رُپين تي برقرار آهي. لڪ سون قيمت لڳاتار واڌ جو سلسلو جاري آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 2 هزار 900 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 35 هزار 500 رپين جو ٿي ويو آهي. اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قميت 2486 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 1903 رپيا آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون 4 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ في اونس 1919 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.