ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ عالمي سطح جي کيرٿر نيشنل پارڪ ختم ڪري هائوسنگ اسڪيم ٺاهڻ واري درخواست تي چيف جسٽس احمد علي شيخ سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان کي خبر نه آهي هن خطي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، صدين کان پراڻي ڳوٺن کي ختم ڪيو پيو وڃي، ڳوٺن مان ماڻهن کي بيدخل ڪيو پيو وڃي، چيف جسٽس چيو ته نام نهاد هائوسنگ اسڪيم جي نالي تي عالمي پارڪ تي قبضو ٿي رهيو آهي، چيف جسٽس سنڌ جي چيف سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان کي صورتحال جي خبر نه آهي، هي اهم معاملو آهي، چيف سيڪريٽري سنڌ عدالت ۾ چيو ته حيدرآباد جي ڪمشنر 5 دورا ڪري رپورٽ تيارڪئي آهي، مستقبل جو ڪجهه نٿو چئي سگهجي پر اڄ جي ڳالهه ڪري رهيوآهيان، عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کي حڪم ڏنو ته هي ساڳي ڳالهه اوهان حلف نامي ۾ لکيو، چيف چسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اسان کي ٻڌايو اڄ قبضو نه ٿيندو نه مستقبل ۾ ڪيو ويندو، حلف نامي ۾ هي به لکيو وڃي ته عالمي سطح تي ان پارڪ تي قبضو نه ڪيو ويندو، چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو ته هن ڳالهه جي خاطري ڪرائي وڃي ته مستقبل ۾ سنڌ حڪومت هڪ انچ زمين ڪنهن کي به نه ڏيندي، هائوسنگ اسڪيم جي نالي تي ڪابه ترقي نه ڪئي ويندي، عدالت 31 آگسٽ تي چيف سيڪريٽري سنڌ کي حلف نامو جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته کير ٿرنيشنل پارڪ جي زمين بلڊر جي حوالي ڪرڻ خلاف اسٽي آرڊ برقرار رکيو آهي.