راڻيپور واقعي خلاف ميرپورخاص ۾ ريلي

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) راڻي پور ۾ معصوم نياڻي سان ٿيل سانحي خلاف ميرپورخاص جي سياسي سماجي، وڪيل، مذهبي ۽  انساني حقن جي تنظيمن جي اڳواڻن پاران اسٽيشن چوڪ ميرپورخاص کان پوسٽ آفيس چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن سنڌ جي وڏي درگاھ پير ابراهيم جان سرهندي خليلي جماعت جي پيرن پير حماد جان سرهندي، پير زبير جان سرهندي، علماءُ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ مولانا حفيظ الرحمان فيض، مولانا حاڪم گشڪوري سياسي سماجي اڳواڻن آفتاب قريشي، ڊاڪٽر شھناز سولنگي ، افشين اقبال ، محمود احمدي صابري، فضل شر، فاروق لغاري، ملڪ عبدالرزاق، فيصل زئي ، نور الاھي مغل، محمد ناصر اقبال، معيز پاڪستاني،  عبدالرشيد شيخ، وڪيل دانيال ملڪ چيو ته راڻي پور جي  جعلي پير اسد شاھ وحشياڻو عمل ڪري سنڌ ڌرتيءَ ۽ ڌرتي واسين کي لڄائي ڇڏيو آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.