ڪراچي (رپورٽر) روزاني عوامي آواز اخبار جي مئنيجنگ ايڊيٽر ۽ کاٻي ڌر جي اڳوڻي سرگرم اڳواڻ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جي ڇهين ورسي تقريب روزاني عوامي آواز جي هيڊ آفيس ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ، قومپرست اڳواڻن، اديبن، شاعرن ۽ صحافين الاهي بخش بڪڪ، عوامي آواز جي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر ميڊم حميده گانگهرو، اي پي پي جي بيورو چيف عبدالله سروهي، عمران پاٽولي، زاهد شيخ، بورڊ آف روينيو جي شاهد پنهور، ڪرم علي شاهه ڪرم، ضياءَ الله ڀٽو، ادل سولنگي، جاويد بوزدار، مدثرنظر سنگراسي، نريش ڪمار، ڊپٽي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر حسن ناصر خٽڪ، ذلف پيرزادو، سارنگ زين چانڊيو، عنايت پيرزادو، گل بهار علي سميت ٻين وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي مقررن ڊاڪٽر خير محمد جوڻو کي ڀيٽا پيش ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي عمران پاٽولي چيو ته سائين جي شخصيت مان تمام گهڻو متاثر رهيو آهيان، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو فقيراڻي طبيعت جو مالڪ هو،سينئر صحافي جاويد بوزدار پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻو اخباري مالڪ هوندي ڪڏهن به ڪنهن ورڪر سان سخت لهجي ۾ پيش نه آيو، هو ورڪر دوست ۽ تمام گهڻو مهمان نواز پڻ هو، عوامي آواز ۾ مالڪ هوندي به هر ورڪر سان دوستاڻي رويي ۾ پيش ايندو رهندو هو. ڊاڪٽر خير محمد اخباري دنيا ۾ پهريون ڀيرو ورڪرن لاءِ انٽرٽينمينٽ جو بنياد پڻ وڌو، جنهن مالڪ هوندي پهريون ڀيرو ورڪرن لاءِ پڪنڪ جو بندوبست ڪيو هو. اهڙا مالڪ صحافتي دنيا ۾ تمام گهٽ ورڪرن کي ملندا آهن، جاويد بوزدار تجويز پڻ پيش ڪئي ته عوامي آواز ۾ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جي بابت ڪجهه نه ڪجهه مواد ڇپجڻ گهرجي، بورڊ آف روينيو جي شاهد پنهور چيو ته انساني شخصيتن جا ڪيترائي حوالا هوندا آهن، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پهرين ملاقات مان ئي پنهنجو ڪري ورتو هو، هو زميندار هجڻ باوجود ڪڏهن به ايئن محسوس نه ڪرايو ته هو ڪو وڏو زميندار آهي هر دوست سان کلندي مسڪرائيندي ملندو هو. صحافي ڪرم علي شاهه چيو ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻو مخلص ماڻهو هو، ڪنهن به اداري ۾ ڪو ورڪر پنهنجي مالڪ جي اجازت بنا هن جي ڪمري ۾ داخل ناهي ٿيندو پر خير محمد جوڻو صاحب ۾ اها عادت نه هئي، هر ورڪر سان هڪ دوست وانگر ملندو هو ۽ ورڪرن کي تمام گهڻو ڀائيندو هو، هر ورڪر کي هڪ ئي نگاهه سان ڏسندو هو، تقريب کي خطاب ڪندي الاهي بخش بڪڪ چيو ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻو سان تعلق عوامي آواز ذريعي ٿيو، عوامي آواز واحد اخبار آهي جيڪا سنڌ جي حقن جي ترجمان رهي ۽ اڄ به آهي، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو هن ڏکي دور ۾ ڪراچي ۾ رهندڙ هر سنڌي جي قلم وسيلي مالڪي ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن عوامي آواز تي پابندي لڳي ته بشير خان قريشي پاڻ هاڪر بڻجي عوامي آواز اخبار کي هر هنڌ پهچايو. ميڊم حميده گهانگهرو ڊاڪٽر خير محمد جوڻو کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته ڊاڪٽر سان نظرياتي رشتو هو، خير محمد جوڻو شاگردي واري دور کان ئي جاگيرداراڻي، وڏيرڪي ۽ سرداري نظام کان باغي هو، هن ڪڏهن به عوامي آواز ۾ ڪاروباري سوچ نه رکي هن هميشه قلم وسيلي سنڌ جي ماڻهن جي بي لوث ٿي ڪري خدمت ڪئي. جڏهن ته تقريب بعد سندس روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ خيرات جي ماني جو پڻ اهتمام ڪيو ويو.