دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ کين تيار ڪندڙن کي نه ڇڏينداسين: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ اڪسائيندڙن کي نه ڇڏينداسين. آءِ ايس  پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ڏکڻ وزيرستان جي علائقي آسمان منزه ڀرسان شيروانگي جو دورو ڪيو، شيروانگي ۾ گذريل ڏينهن 6 سپاهين دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻي هئي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف کي موجوده انٽيليجنس ۽ دهشتگردي روڪ ڪارروائين تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته کيس موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي به بريف ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف علائقي ۾ مقرر آفيسرن ۽ فوجين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آفيسرن ۽ جوانن جي عزم کي ساراهيو. ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته شهيد اسان جو فخر آهن، پاڪستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون ۽ پاڪستان ۾ مڪمل امن ۽ استحڪام واپس ايندو. هن چيو ته دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ اڪسائيندڙن کي نه ڇڏيو ويندو، انهن کي رياست اڳيان سرينڊر ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.