فيصل آباد(م ڊ) جڙانواله سانحي جي حوالي سان داخل ڪيسن جو انگ 21 ٿي ويو، وڌيڪ 5 ڪيس داخل ڪيا ويا. تفصيل مطابق جڙانواله ۾ ڀڃ ڊاهه جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف وڌيڪ 5 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. پوليس ترجمان نويد احمد ٻڌايو ته هاڻي تائين 21 ڪيس جڙانواله سانحي جي حوالي سان داخل ڪري چڪا آهيون. پوليس مطابق 5 نئين ڪيسن ۾ 750 اڻڃاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيا ويا آهن جنهن بعد ڪيسن ۾ گهربل جوابدارن جو انگ 2100 ٿي ويو آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جڙانواله واقعي جي 160 جوابدارن جي سڃاڻپ بعد گرفتار ڪيو ويو آهي .