ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس يوسف سعيد تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سنڌ۾ سرڪاري کاتن ۾ معلومات تائين رسائي واري قانون تي عمل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي .عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪيو .عدالت سمورن سرڪاري کاتن جي سيڪريٽرين کي عمل ڪرڻ واري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي .عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي انفارميشن ڪميشن جي سربراهه کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي .درخواستگذار ڊاڪٽر مرتضيٰ کهڙي چيو ته عدالتي حڪم جي باوجود ويب سائٽس تي معلومات نه جاري ڪئي وئي آهي عدالت درخواست جي ٻڌڻي 30 سٽميبرتائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .