فاطمه ڦرڙو ۽ جان محمد مهر جي قتل واقعن خلاف سنڌياڻي تحريڪ جي بک هڙتالي ڪئمپ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ راڻيپور ۾ شھيد فاطمه ڦرڙو ۽ ٻين نياڻين، شھيد جان محمد مھر ۽ ٻين صحافين ۽ معصوم ٻارڙن جي قتل خلاف حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان 24 ڪلاڪن جي بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آھي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، رفيعه پليجو، نصرت خاصخيلي، فرحانه سولنگي، فريده دل، زينت سنڌي، راحيلا ڀٽو، صبا سمون، بختاور چنڊ، ھميرا اختر، زاھده شيخ جي اڳواڻي ۾  سوين عورتون شريڪ ٿيون، جڏھن ته قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، سينيئر صحافي اقبال ملاح، ڊاڪٽر بختاور ڄام، سورمي ڊويلپمينٽ وومين سوسائٽي سنڌ جي چيئرمين عابده ماروي سمون، صدف ڪيريو، غلام نبي ڪيريو، رحمت الله سولنگي ۽ ٻيا سياسي سماجي اڳواڻ پڻ احتجاج ۾ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي زينت سمون ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته معصوم فاطمه ڦرڙو جو قتل انسانيت جو قتل آھي، سنڌ کي عورتن ۽ ٻارن جي مقتل گاھ بنايو ويو آھي. جاگيرداري، سرداري، وڏيرا شاھي سنڌ کي انساني حقن جي لتاڙ جو مرڪز بنائي ڇڏيو آھي. ڪراچي کان ڪوھستان ۽ ساحلي پٽي جي لکين ايڪڙ زمين غير قانوني افغانين ۽ ٻين پرڏيھين جي حوالي آھي ته ٻئي طرف ڌاڙيل ماڻھو اغوا ڪري رھيا آھن. بختاور ڄام چيو ته شھيد فاطمه ڦرڙو ۽ صحافي جان محمد مھر جي قتل جي ڪري سڄي سنڌ ڏک ۽ تڪليف مان گذري رھي آھن. وحشتناڪ واقعن جي ڪري ماڻھو رستن تي آھن. قاتلن کي منطقي انجام تي پھچايو ويندو. هوڏانهن قومي عوامي تحريڪ جو سربراھه اياز لطيف پليجو سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس طرفان راڻيپور ۾ شھيد فاطمه ڦرڙو ۽ ٻين نياڻين، شھيد جان محمد مھر ۽ ٻين صحافين ۽ معصوم ٻارڙن جي قتل خلاف پريس ڪلب اڳيان 24 ڪلاڪن واري بک ھڙتالي ڪئمپ تي پھتو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي سمورن مسئلن جي ذميوار پيپلزپارٽي آھي. پيپلزپارٽي 15 سالن جي حڪمراني ۾ وڏيرا شاھي، جاگيرداري ۽ سرداري نظام کي ايترو مضبوط ڪيو آھي جو معصوم ٻار اغوا ڪري ڌاڙيل انھن جون وڊيوز جاري ڪن ٿا. معصوم نياڻين کي وحشت ۽ بربريت جو نشانو بنايو وڃي ٿو، هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ پنھنجن مفادن لاءِ پيپلزپارٽي کي سنڌ تي مڙھيو آھي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي نسلا ٽاور ته نظر آيو پر ڪنڌڪوٽ ڪشمور، خيرپور، گھوٽڪي ۽ ٻين ضلعن ۾ معصوم ٻارن ۽ ماڻھن جو اغوا، قتل نظر نٿو اچي. چيف جسٽس عمر عطابنديال کي معصوم شھيد فاطمه ڦرڙو جو لاش نظر نٿو اچي. سپريم ڪورٽ کي جان محمد مھر جو قتل نظر نٿو اچي.  عدالتن سنڌ کي مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏيو آھي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرائي جا قاتل پيدا ڪيا ويا آھن. ڏوھارين جا ٽولا پيدا ڪيا ويا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.