پ پ وفد جي نگران وزيراعظم سان ملاقات، سنڌ ۾ نين مقررين بدلين تي خدشا

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ۾ سينيئر آفيسرز کي عهدن تان ڇو هٽايو ويو آهي؟ پيپلزپارٽي کي صوبي ۾ آفيسرن جي نئين مقررين ۽ بدلين تي خدشا آهن،پيپلزپارٽي جي وفد جو نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان ملاقات  دوران پنهنجن خدشن کان کيس آگاهه ڪيوپيپلزپارٽي جي اڳواڻن نثار کهڙو، مراد علي شاهه، نويد قمر، سعيد غني ۽ مرتضيٰ وهاب وفد جي صورت ۾ نگران وزيراعظم سان ملاقات ڪئي،ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته نگران وزيراعظم کي مقررين ۽ بدلين بابت پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو،اطلاع آهن ته ترقياتي ڪمن جا فنڊ فريز ٿي رهيا آهن،ڪراچي ۾ ڪارڪنن جي قتل واقعن تي به تحفظات ظاهر ڪيا آهن، پ پ اڳواڻن موجب نگران وزيراعظم يقين ڏياريو ته سنڌ ۾ ترقياتي منصوبا جاري رهندا،شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ڪيس ٻيهر کلڻ بابت سوال جي جواب ۾ نثار کهڙو چيو ته عدالتون آزاد آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس 14 سالن کانپوءِ ٻيهر اوپن ڪيو آهي، اسان عدالتن جي آزاديءَ جا حامي آهيون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.