ڪراچي(رپورٽر+م ڊ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ ۾ ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ٿيندو، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ توهان کي گرفتاريون نظر اينديونگورنر سنڌ ڪامران ٽسوري نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان ملاقات بعد چيو ته وزيراعظم خاطري ڪرائي آهي ته ڪراچي مان اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو،هن چيو ته شهيد صحافي جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ڪري سگهندڙ پوليس آفيسرز کي هٽايو وڃي،گورنر سنڌ چيو ته آءِ جي سنڌ شهيد جان محمد جي قاتلن جي گرفتاري يقيني بڻائي.