بٽگرام آپريشن تي نگران وزيراعظم جي سمورن هيروز کي ڀيٽا

اسلام آباد(اي پي پي+م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان کي پنهنجي هيروز تي فخر آهي، 8 ماڻهن کي  ريسڪيو ڪري انهن بهادري جو هڪ نئون باب لکيو آهي. ڪالهه اربع ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بٽگرام ۾ اسان جي هيروز چئلينج کي پوري طرح منهن ڏنو، اسان جي فوج، انتظاميا ۽ مقامي جوانن گڏجي وڏي خطري کي ٽاري بهادري جو هڪ نئون باب لکيو آهي. انهن 8 ماڻهن جون زندگيون بچائي اسان جي اتحاد جي قوت جو هڪ ڀيرو ٻيهر مظاهرو ڪيو آهي.

  • پرويز الاهي جي ضمانتي مچلڪن جي رپورٽ عدالت ۾ جمع

لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي نظربندي خلاف درخواست تي سپرنٽينڊنٽ  ڪيمپ جيل لاهور پرويز الاهي جي ضمانتي مچلڪن جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. عدالت باور ڪرايو ته نظربندي جو حڪم غيراثرائتو هئڻ تي ڇو نه درخواست اڪلائي وڃي. عدالت ٻڌڻي اڻڄاتل مدي علائقي ملتوي ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محمد محمد وحيد خان درخواست گذار چوڌري پرويز الاهي جي گهر واري قيصره الاهي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

  • خرم شير زمان جي گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور

ڪراچي (رپورٽر)جڊيشل ڪمپليڪس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ چيئرمين تحريڪ انصاف جي گرفتاري جي خلاف ڪراچي ۾  احتجاج واري ڪيس ۾ خرم شيرزمان گرفتاري کان بچڻ  لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو آهي .عدالت ٻن ڪيسن ۾ خرم شيرزمان جي هڪ هڪ لک جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظورڪري ورتي آهي .عدالت خرم شيرزمان کي 26آگسٽ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

  • طاهر پلازه ڪيس ۾ سعيد ڀرم ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش

ڪراچي(رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾  طاهر پلازهه سانحي ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي  ٽارگيٽ ڪلر سعيد ڀرم سميت ٻين  جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ،سينٽرل جيل پاران رپورٽ جمع ڪرائي وئي سعيد ڀرم سزا ماڻيندڙ قيدي آهي .جوابدارن جي وڪيلن جي غير حاضري جي ڪري شاهدن جا بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيا .عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2سيپٽمبر تائين ملتو ي ڪري ڇڏيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.