ڪراچي (رپورٽر)احتساب عدالت ۾ سڌسماءُ واري کاتي ۾ ڪرپشن ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ۾ سنڌ جو اڳوڻو اطلاعات وارو وزير شرجيل ميمڻ ۽ ٻيا پيش ٿيا. عدالت جاچ آفيسر جي غير حاضري تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 2013ع کان 2015ع تائين شرجيل ميمڻ جي ملڪيتن جا تفصيل موجود آهن. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .