ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير پاران فيلڊ پوليس آفيسرن ۽ ڪمشنرن تي بنا اجازت موڪلن تي پابندي لڳائي وئي آهي، هاڻي اهي آفيسر مجاز فورم يا وڏي وزير کي آگاهه ڪرڻ کانسواءِ موڪلون نه وٺي سگهندا.سنڌ پوليس کي سنڌ جي نگران وزير اعلي جو پهريون وڏو حڪم ملي ويو آهي، پوليس ذريعن موجب سنڌ جي وڏي وزير پاران حڪم جاري ڪيا ويا آهن، خط ۾ سنڌ جي سمورن ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي هدايتون ڏنيون ويون آهن.پوسٽ موجب لاڳاپيل آفيسرن کي بااختيار فورم کان اجازت وٺڻي پوندي، اجازت کانسواءِ موڪل يا غير حاضري برداشت نه ڪئي ويندي،