بٽگرام ۾ اسڪول ويندڙ ٻارن جي چيئر لفٽ ڦاسي پئي، 8 ئي ڄڻا بچايا ويا

بٽ گرام( م ڊ) خيبرپختونخواهه جي علائقي بٽگرام ۾ جي چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل 8 ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو ۽ سمورن ماڻهن کي باحفاظت ٻاهر ڪڍيو ويو.  ريسڪيو 1122 پختونخواه جي ترجمان موجب چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل سمورن 8 ڄڻن کي بچائي ورتو ويو آهي، لفٽ مان ڪڍيل ماڻهن ۾ عرفان، نياز محمد، رضوان، گلفراز، شير نواز، ابرار، عطاءُ الله ۽ اسامه شامل آهن. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) موجب پاڪ فوج پاران چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو. ذريعن موجب هيلي ڪاپٽر ذريعي ٻارڙي کي ريسڪيو ڪرڻ بعد زمين تان آپريشن شروع ڪيو ويو.  هيلي ڪاپٽر ريسڪيو آپريشن رات ۽ موسم خراب ٿيڻ سبب روڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جو ريسڪيو آپريشن متبادل طريقن سان جاري آهي، ساڳي تار تي هڪ ٻي ننڍڙي ڏولي کي متاثر ڏولي جي ويجهو آندو ويو.فوج آپريشن لاءِ اترين علائقن مان مقامي ڪيبل ڪراسنگ ماهرن کي آندو آهي، جڏهن ته آپريشن لاءِ ڪيبل ڪراسنگ جي ماهرن جون خدمتون پڻ ورتيون ويون. پاشتو وٽ چيئر لفٽ جو رسي ٽٽي پئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 اسڪولي ٻارڙن سميت 8 ڄڻا 900 فوٽ اونچائي تي دٻجي ويا، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ريسڪيو آپريشن جاري آهي. تفصيل موجب ٻارڙا صبح 7 وڳي چيئر لفٽ ذريعي پنهنجي اسڪول وڃي رهيا هئا ته لفٽ جا 3 مان 2 رسا ٽٽي پيا ۽ چيئر لفٽ 900 فٽ جي اوچائي تي ڦاسي پئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.