ايمان مزاري جي ضمانت، علي وزير جيل حوالي

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد جي عدالت سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچائڻ واري ڪيس ۾ ايمان مزاري جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي جڏهن ته علي وزير کي 14 ڏينهن جي  جوڊيشل ريمانڊ تي اڊيالا جيل اماڻي ڇڏيو آهي. اسلام آباد جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ايمان مزاي ۽ علي وزير جي خلاف ترنول ۾ داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عدالت ايمان مزاري جي  ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. پوليس علي وزير کي 2 ڏينهن جسماني ريمانڊ کان پوءِ عدالت ۾ پيش ڪيو جڏهن ته ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر عاطف الرحمان علي وزير جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي. پراسيڪيوٽر چيو ته علي وزير پوليس سان جاچ جي معاملي ۾ تعاون نه ڪري رهيو آهي جلسي ۾ مختلف سرڪاري ملڪيتن جي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي. وزير کان ڪجهه ثبوت به هٿ آيا آهن. ان دوران علي وزير جي وڪيل عطاءُالله ڪنڊي جسماني ريمانڊ جي مخالفت ڪندي چيو ته علي وزير جي خلاف داخل ڪيسن ۾ 3 ضمانت نه ٿيڻ جوڳا قلم شامل آهن، جڏهن ته ٻيا قلم ضمانت ٿيڻ جوڳا آهن. ريلي ۾ ڪير به شرڪت ڪري سگهي ٿو.  وڪيل صفائي قيصر امام چيو ته ايمان مزاري  کان جاچ ۾ ڪجهه به هٿ نه ڪيو ويو. ڇا ايمان تقرير ۾ چيو هو ته  پوليس کان ڏنڊا ڦري وٺو؟ هن ڪنهن کي به نه ڌمڪي ڏني، نه شيشا ٽوڙيا. پراسيڪيوٽر عاطف الرحمان طرفان ايمان مزاري جي ضمانت واري درخواست جي مخالفت ڪئي وئي. عدالت ايمان مزاري جي 30 هزار روپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي جڏهن ته علي وزير کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي اڊيالا جيل اماڻي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.