سريٿا ٿائي ٿائلينڊ جو وزير اعظم چونڊجي ويو، مقبول اڳواڻ وطن واپس

بينڪاڪ(م ڊ) ٿائلينڊ جو پراپرٽي ٽائيڪون سريٿا ٿاويسن پارلياماني چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ ملڪ جو 30 هون وزيراعظم بڻجي ويو آهي جڏهن ته  اڳوڻو وزير اعظم ٿاڪسن شناوترا 15 سالن جي جلاوطني بعد واپس ملڪ پهچي ويو، کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو آهي،ٿاڪسن کي طاقت جي غلط استعمال ۽ مفادن جي ٽڪراءُ جا الزام ثابت ٿيڻ تي 8 سالن جي سزا ٻڌائي وئي هئي جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ کيس جيل ۾ وڌو ويو آهي، ٿاڪسن جي واپسي کانپوءِ اهي افواهه گردش ۾ هئا ته هن جي پنهنجي مخالفن ۽ شديد مخالف فوجي اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ٿي آهي پر ٿاڪسن ۽ پيو ٿائي ان حوالي سان افواهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.