جيئي سنڌ محاذ پاران ڌاري آبادڪاري خلاف ريلي جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) جيئي سنڌ محاذ پاران سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، لاهور قرارداد تي عمل نه ٿيڻ، سنڌين کي اقليت ۾ تبديل  ڪرڻ ۽ گئس، ڪوئلو، تيل، پورٽ ۽ ٻين معدني وسيلن تي قبضي خلاف 17 سيپٽمبر تي حيدرآباد ۾ هڪ احتجاجي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اهڙو اعلان جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پروفيسر امير چانڊيو، اياز هڪڙو، هاشم کوسو، نور سولنگي، مسرور چانڊيو، بشير شاهه پڻ موجود هئا. عبدالخالق جوڻيجو چيو ته پاڪستان جي رياست کي وجود وٺرائڻ ۾ سنڌ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي پر افسوس ته پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ جي وجود تي وار ڪرڻ جو عمل شروع ٿيو. هن چيو ته سنڌ ۽ سنڌي تهذيب 5 هزارن سالن کان پراڻو وجود رکي ٿي، جڏهن ته پاڪستان جي عمر 75 سال آهي، سنڌ پاڪستان کي ٺاهيو آهي، هنن سنڌ کي فتح نه ڪيو آهي پر سنڌ ٻين قومي وحدتن سان پنهنجي حاڪميت سان شامل رهي آهي. سنڌ جي حاڪميت کسي مرڪز جو محتاج بڻايو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ سان ملڪ جي هڪ صوبي پنجاب کي ترقي وٺرائي وئي آهي، سنڌ جي بندرن جي آمدني ڪوئلي، گئس ۽ تيل سميت ٻين معدني وسيلن تي ملڪ جا حڪمران عياشي ڪن ٿا پر سنڌ جي ماڻهن جي گهرن جا چلها نه ٿا ٻرن. هن چيو ته سنڌ جي ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي پنجاب جي فيصل آباد، سيالڪوٽ ۽ ٻين شهرن کي روشن ڪري ٿي جڏهن ته ڪوئلي جا منفي اثر سنڌ ڀوڳي ٿي ۽ سنڌ جا شهر ڳوٺ هزارن جي تعداد ۾ اڄ به اونڌهه ۾ ٻڏل آهن. هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ سنڌ کي حق ملڻ تي پري جي ڳالهه آهي پر هاڻ سنڌ جي وجود ۽ سڃاڻپ لاءِ خطرا وڌي رهيا آهن. هن چيو ته لاهور قرارداد جي بنياد تي ٺهيل پاڪستان هڪ رضاڪاڻو اتحاد هو ۽ ان ۾ شامل هڪڙي ڌر مسلسل معاهدن جو ڀڇڪڙيون ۽ واعدي خلافي ڪندي رهي آهي. هن مطالبو ڪندي چيو ته لاهور قرارداد جي بنياد تي ملڪ کي انتشار، نفرت، ويڙهه ۽ ٽڪراءِ کان بچڻ ۽ دوستي ۽ راوادي سان اڳتي وڌڻ جو واحد رستو ان معاهدي کي عمل ۾ آندو وڃي، هن سنڌ جي اديبن، ليکڪن ۽ دانشورن کي اپيل ڪئي ته سنڌ جي تاريخ هن وقت ڏکئي دور مان گذري رهي آهي ۽ فيصلائتي مرحلي ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ کي ويجها ٿين ۽ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.