راولپنڊي ( م ڊ ) پاڪستان رينجرز ڀارت طرفان منشيات ۽ هٿيارن جي اسمگلنگ ناڪام بڻائيندي 6 ڀارتي اسمگلرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 29 جولاءِ کان 3 آگسٽ تائين مداخلت جي ڪوشش ۾ 6 ڀارتي سمگلر گرفتار ڪيا ويا، ڀارتي شهري منشيات ۽ هٿيارن جي سمگلنگ ۾ ملوث آهن. آءِ ايس پي آر موجب، گرفتار ڪيل ڀارتي شهرين ۾ فيروزپور جو رهواسي گُرميج سنگهه، شندر سنگهه، جُگندر سنگهه ۽ وشال سنگهه شامل آهن، جڏهن ته جالنڌر جي مهيندر سنگهه ۽ لڌيانا سان واسطو رکندڙ گر وندر سنگهه کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته گرفتار اسمگلرن خلاف پاڪستان ۾ غير قانوني داخلا ۽ رياست مخالف سرگرمين تي پاڪستاني قانونن موجب ڪارروائي ٿيندي. آءِ ايس پي آر موجب، ڀارتي سمگلرن جي بي ايس ايف جي نگرانيءَ هيٺ سرحد تان بنا رنڊڪ چرپر حيران ڪندڙ آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اميد ته بي ايس ايف بارڊر تي نگرانيءَ جي نظام اثرائتو بڻائي سمگلرن سان ڳٺ جوڙ ختم ڪندي.