نگران حڪومت پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪندي:انوارالحق ڪاڪڙ

ڪراچي(رپورٽر) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته هي حڪومت محدود مدي جي لاءِ وجود ۾ آئي، چونڊ عمل ۾ مدد ۽ نگراني  جي لاءِ پنهنجون سموريون توانائيون ۽ ڪردار ادا ڪنداسين، ڪوشش هوندي ته ان عمل کي شفاف ۽ غيرجانبداراڻي انداز ۾ مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن سمورن ڌرين کي اهو عمل قابل قبول هجي، پاڪستان ۾ آئيني ۽ قانوني طريقي سان اقتدار جي منتقلي جي تڪميل ٿئي، نظريه پاڪستان کي ترجيحي بنيادن تي فروغ ڏيڻ جو عزم ظاهر ڪندي چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح سدائين اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي، نگران حڪومت پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪندي، شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اڱاري ڏينهن قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ ٻيا ڪابينا ميمبر پڻ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.