ملڪ ۾ هزارين اربن جي ڪرپشن ٿي رهي آهي: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته مون کي پوري اميد آهي ته ميان نواز شريف  سيپٽمبر ۾ وطن واپس ايندو، خانگي ٽي وي تي ڳالهائيندي هن چيو ته مون کي پوري اميد آهي ته ميان نواز شريف سيپٽمبر ۾ وطن واپس ايندو.مان نه ٿو سمجهان ته چونڊون اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جو ڪو وڏو جوازآهي، جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته چونڊون شفاف ٿين ته ٻه اڍائي مهينا جي دير ڪا ڳالهه ناهي.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته معاشي ۽ سماجي اڻ برابري کي ختم ڪرڻو پوندو. عام ماڻهو وٽ مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪافي وسيلا هوندا، هن چيو ته مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جو طريقو ڪرپشن کي روڪڻ آهي. ملڪ ۾ هزارين اربن جي ڪرپشن ٿي رهي آهي، پنج هزار ارب رپيا فرض جي نالي تي چوري ڪيا وڃن ٿا، جيڪڏهن انهن چورن جا هٿ ڪٽيا وڃن ته پوءِ هن مهانگائي سان وڙهڻ لاءِ دولت موجود آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.