سائفر ڪيس ۾ اسد عمر جي عبوري ضمانت منظور

اسلام آباد(م ڊ) آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت جوڙيل ملڪ جي پهرين اسپيشل ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ اسد عمر جي  عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. پي ٽي آءِ جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري اسد عمر سائفر ڪيس ۾ عبوري ضمانت لاءِ آفيشل سيڪريٽ ڪورٽ سان رجوع ڪيو. اسد عمر درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس خلاف سياسي بنيادن تي سائيفر ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهيان، تنهن ڪري عبوري ضمانت منظور ڪئي وڃي . عدالت اسد عمر جي 29 آگسٽ تائين ضمانت منظور ڪري ورتي، گذريل ڏينهن سائيفر ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي کي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو هو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.