بلاول ڀٽو زرداري سان پ پ اڳواڻن جون ملاقاتون

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن بلاول هائوس ۾ انتهائي مصروف ڏينهن گذاريو  ۽ پارٽي رهنمائن سان ملاقات ڪئي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب، پي پي پي چيئرمين اڳوڻي وفاقي وزير شازيه مري سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جي 16 مهينن جي دوران پنهنجي وزارت جي ڪارڪردگيءَ کان آگاهه ڪيو. پارٽيءَ جي چيئرمين شازيه مري  بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بينظير ڪفالت پروگرام ۾ 25 سيڪڙو واڌ ڪئي، بلاول ڀٽو سان سينيٽر رضا رباني بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.  جڏهن ته بلاول ڀٽو کي اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني بريفنگ ۾ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت بينظير مزدور ڪارڊ جو اجراء ڪيو، جنهن ۾ صحت ۽ تعليم  سميت  مزدورن کي مختلف گرانٽس ڏنيو پيون وڃن. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي زرعي مزدورن کي يونين سازي جو حق ڏنو ويو. جڏهن ته  اڳوڻي وزير زراعت سنڌ منظور وساڻ به ساڻس بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي. اڳوڻي زراعت جي وزير سنڌ منظور وساڻ پنهنجي ٻن سالن جي  ڪارڪردگيءَ تي بريفنگ ڏني سنڌ ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت 1800 کان چار هزار رپيا في مڻ تائين وڌائي. سنڌ حڪومت جي اسڪيم جي تحت  ساڍا 12 ايڪڙ تائين زمين رکندڙ ننڍن هارين  ڀاڻ ۽ ٻج جي مد ۾ سٺ هزار رپيا ڏنا پيا وڃن. بلاول ڀٽو زرداري سان اڳوڻي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن سنڌ مڪيش چاولا سان پڻ ملاقات ڪئي  ان موقعي تي ريسرچ اينڊ ڪو آرڊينيشن سيل جي انچارج لعل بخش ڀٽو به ملاقات ڪئي، جڏهن ته  ڄام خان شورو بطور وزير ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو. ملاقات ڪرڻ وارن ۾ نذير احمد ڀٽو به شامل هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.