ڪراچي: (رپورٽر) ملڪ ۾ رپئي جو قدر گهٽجڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 35 پئسا واڌ سان 297.13 رپين جو هو. ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر جي قدر ۾ اڳ ۾ معمولي گهٽتائي ٿي، جنهن کانپوءِ ان جي قدر ۾ واڌ ڏٺي وئي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 87 پئسا مهانگو ٿي 299.01 رپين تي بند ٿيو، جيڪا انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح آهي. ان کان اڳ 11 مئي تي ڊالر 298 رپين 93 پئسن تائين پهچي چڪو هو. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 306 رپين تي بند ٿيو آهي. ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 4 هزار 600 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 34 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 3 هزار 944 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک هڪ هزار 46 رپين جو ٿي ويو آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 10 ڊالر واڌ سان 1901 ڊالر في اونس آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن به سون جي اگهه ۾ 3 هزار 100 رپين جي واڌ ٿي هئي.