سائنسدانن جو انسانيت تي وڏو احسان، هِڪ ٽِڪي سان ڪينسر جو علاج

ڪينسر جو علاج دنيا جي ڪجهه خطرناڪ ترين علاجن مان هڪ آهي، ان مرض جا مختلف قسم ۽ مختلف درجا ٿين ٿا جن مان ڪجهه جو علاج ته ممڪن ئي ناهي جڏهن ته ڪجهه جو علاج آهي پر اهو به انتهائي خطرناڪ آهي.

وڏي  عرصي کان سائنسدان انسان ذات جي خدمت لاءِ مختلف سهولتن واري ايجادن سميت خطرناڪ موذي مرضن کان بچڻ لاءِ به انهن جا سولا سولا علاج ڳوليندا رهندا آهن، اهڙي ئي تسلسل ۾ سائنسدانن صحت جي دنيا ۾ انقلابي قدم کڻندي ڪينسر جي مرض لاءِ هڪ ٽِڪي ٺاهي ورتي آهي.

نوٽ: انکان اڳ سائنسدانن هٿرادو گردو تيار ڪري به دنيا جي موجود ڪروڙين ڊائلاسز جي مريضن لاءِ اميد پيدا ڪئي آهي، اها خبر پڙهڻ لاءِ هن لنڪ کي ڪِلڪ ڪيو.

https://awamiawaz.pk/1061241/

سائسندانن طرفان تيار ڪيل ٽِڪي صحتمند سيلن کي متاثر ڪرڻ بنا ڪينسر جي سخت کان سخت ٽيومرز کي ختم ڪري سگهجي ٿي.

آمريڪا ۾ ڪينسر جي علاج لاءِ ڪم ڪندڙ سڀ کان وڏي تنظيم سٽي آف هوم جي ماهرن هڪ تحقيق ڪئي آهي، هنن “اَي او ايڇ 1996(ڪينسر کي ختم ڪندڙ ٽِڪي)” جي شروعاتي نتيجن جا تفصيل جاري ڪيا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ۾ ڇپيل هڪ رپورٽ ۾ سٽي آف هوم جو چوڻ آهي ته اها دوا پروليفريٽنگ سيل نيوڪليئر اينٽيجن (پي سي اين اي) جي ڪينسر سٽيل قسم کي نشانو بڻائيندي آهي.

ڪيليفورنيا جي علاج مرڪز جي ماليڪيولر ڊائگناسٽڪ اينڊ ايسڪپيريمنٽل ٿيراپيوٽڪس جي شعبي جِي پروفيسر لنڊا مالڪاس گذريل ويهه سالن کان ان ٽِڪي کي ٺاهڻ لاءِ ڪم ڪري رهي هئي.

هن چيو ته پي سي اين اي هڪ وڏي ايئر لائن ٽرمينل مرڪز جيان آهن جنهن ۾ ڪيترن ئي جهازن جا دروازا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته انگ اکرن مان خبر پئي ٿي ته پي سي اين اي ڪينسر جي سيلن ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو، ان حقيقت ۾ اسانکي هڪ اهڙي دوا ٺاهڻ جي اجازت ڏني جيڪا ڪينسر جي سيلن ۾ رڳو پي سي اين اي کي ئي نشانو بڻائي.

سندس چوڻ هو ته ڪينسر کي مارڻ واري اها اسانجي ٽِڪي برف جي طوفان وانگر آهي جيڪا هڪ مُک هوائي اڏي کي بند ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن سان رڳو ڪينسر جا سيل کڻي ويندڙ جهازن جي اچ وڃ مڪمل طور بند ٿي ويندي آهي.

پروفيسر نتيجن کي اميد جاڳائيندڙ قرار ڏيندي چيو ته تحقيق مان خبر پئي آهي ته اَي او ايڇ 1996 سيلن ۽ جانورن جي نمونن ۾ ٽيومر جي واڌ  ويجهه کي روڪي سگهي ٿي، جڏهن ته انسانن تي ان جو پهريون ڪلينيڪل مرحلو هلندڙ آهي.

اها ٽِڪي ڇاتي، پروسٽيٽ، دماغ، بچي داني، سرويڪل، چمڙي ۽ ڦڦڙن جي ڪينسر مان ملندڙ سيلن جي علاج لاءِ فائديمند آهي.

ان جو تجربو ستر کان مٿي ڪينسر سيل لائينن تي ڪيو ويو ۽ اهو ڏٺو ويو ته اها سيلن ۾ خلل وجهي ڪينسر جي سيلن کي ڳولي ڳولي ختم ڪري سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.